Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
هن جي پويان هلندو رھ! سڀ تنهنجي پويان هلندا. ([1])
میں گرفتارِ بلائے دوجہاں ہر بَلا سے کر رِہا! اَحمد رضا!
تُم ہی مُرْشِد، تم دوائے رَنْجُ و غَم مجھ پہ بھی چَشْمِ عطا! اَحمد رضا!
فيضِ رضا کي دنيا ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي الله پاڪ جو هي وڏو ڪرم آهي، تمام وڏو احسان آهي جو هن دور ۾ سندن نالو حق جي سڃاڻپ آهي.
هاڻي هڪ خوبصورت ڳالھ عرض ڪيان: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حق جي سڃاڻپ آهن ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقِ اعليٰ حضرت، اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه پاڻ کي، پنهنجي سڀني گهر وارن کي، سڀني مريدن کي، سڀني چاهڻ وارن کي عاشقِ اعليٰ حضرت بڻائي ڇڏيو آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! لکين اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون اهڙيون آهن، جن کي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو تعارف ۽ سندن محبت ۽ عقيدت امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي دامن سان وابسته ٿيڻ جي بدولت نصيب ٿي آهي.
فکرِ رضا کو کر دیا عالَم پہ آشکار یہ تیرا اُونچا کام ہے اِلْیاس قادری([2])
اميرِ اهلسنت جي اعليٰ حضرت سان محبت
اَلحَمۡدُلله! امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه کي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان ڏاڍي محبت آهي، بيحد محبت آهي، جلوت هجي يا خلوت (يعني اڪيلائي ۾ هجن يا ماڻهن جي ميڙ ۾) پاڻ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ذڪر خير ڪندا ئي رهندا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي ولي الله آهن، سچا عاشقِ رسول ۽ اسان جا مسلمه (مڃيل) بزرگ آهن، انهن جي عقيدت دل جي گهرائين ۾ سنڀالي رکڻ بيحد ضروري آهي، الله جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو