Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
٭ بي مثال مفتي به آهن ٭ بي مثال محدث به آهن ٭ بي مثال مفسر به آهن ٭ ائين ئي پاڻ بي مثال واعظ شيرين بيان (مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ وارا) خطيب به آهن. مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو بيان معنيٰ خيز علمي ۽ ڏاڍو اثر ڪرڻ وارو هو. سندن ڪڏهن ڪو بيان اهڙو نه ٿيو، جنهن ۾ ماڻهن تي رقت طاري نه ٿي هجي، جڏهن پاڻ بيان فرمائيندا هئا ته هر طرف کان خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سبب روئڻ جا آواز بلند ٿي ويندا هئا.[1]
خليفه اعليٰ حضرت برهان الدين جبل پوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه چون ٿا: هڪ ڀيري بمبئي جي هڪ مسجد ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو بيان ٿيو، مان به حاضر هيس، مسجد ۾ پير رکڻ جي به جاءِ نه هئي، يعني ماڻهن جو ايترو گهڻو هجوم هو جو مسجد ۾ جاءِ باقي نه هئي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڏاڍو پيارو ۽ علمي بيان ڪيو، بيان شروع ٿيندي تقريباً 1 ڪلاڪ گذري ويو هو، اوچتو مون کي ننڊ جي جهوٽو (اونگھ) اچي وئي، خواب ۾ ڇا ٿو ڏسان ته هڪ عجيب دلڪش نور پوري محفل تي ڇانيل آهي. مان خواب ڏسي ئي رهيو هيس ته ڪنن ۾ درود و سلام جو آواز آيو، جنهن کي ٻڌي مان جاڳي پيس. ڇا ٿو ڏسان ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منبر تان هيٺ بيٺا آهن، هٿ ٻڌل آهن، اکين مان ڳوڙها جاري آهن ۽ وڏي آواز سان پڙهي رهيا آهن:
اَلصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلَیْکَ یَارَسُوْلَ اللہ
ڪافي دير درود و سلام پڙهڻ کانپوءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٻيهر منبر تي ويٺا ۽ پوءِ وري بيان شروع ڪري ڇڏيو. محفل ختم ٿي، سڀ گهرن ڏانهن هليا ويا. ٻئي ڏينهن جڏهن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين ته ڏٺوسين: هڪ سفيد ڏاڙهي وارا صاحب سندن خدمت ۾ حاضر آهن، اکين مان ڳوڙها جاري آهن. هنن چيو: رات مان محفل ۾ موجود هيس، مسجد جي وچ واري دروازي سان ٽيڪ لڳائي ويٺو هيس، بيان شريف ٻڌندي ٻڌندي