Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
آهن، هڪ ڀيري کائنس ماڻهن پڇيو ته اسان کي عاشقِ رسول سني ۽ بدمذهب جي سڃاڻپ جو ڪو سادو اصول ٻڌايو! پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايائون: جنهن ٻانهي جي باري ۾ اهو ڄاڻڻو هجي ته بدمذهب آهي يا عاشقِ رسول آهي ته ان جي سامهون مولانا احمد رضا خان صاحب جو ذڪر شروع ڪري ڇڏيو! جيڪڏهن ان جو چهرو ٻهڪي پوي ته يقين ڄاڻو ته عاشقِ رسول سني آهي ۽ جيڪڏهن مُنهن ۾ گُهنج پئجي وڃن ته سمجهو بدمذهب آهي. ([1])
جلوہ ہے، نُور ہے کہ سراپا رضا کا ہے تصویرِ سُنّیت ہے کہ چہرہ رضا کا ہے
اِس دورِ پُرفتن میں نظؔر خوش عقیدگی سرکار کا کَرم ہے وسیلہ رضا کا ہے
وضاحت: حضور اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي نور الٰهي جو فيضان پهرپور نظر اچي ٿو ۽ سندن چهرو مبارڪ سنيت جي سڃاڻپ آهي، الله پاڪ جي ڪرم سان جيڪڏهن اڄ اسان کي سٺو عقيدو حاصل آهي ته اهو پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪرم سان ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وسيلي سان حاصل ٿيو آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد
هن جي پويان هلندو وڃ! سڀ تنهنجي پويان هلندا
هڪ ڀيري سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مهائم شريف (هند) جي هڪ مجذوب سان ملاقات لاءِ تشريف وٺي ويا، حضرت عبدالسلام جبل پوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به ساڻ هئا. مفتي برهان الحق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن اسان انهن وٽ پهتاسين ته مجذوب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مٿي تي عمامو شريف سجايو، تخت تي ويٺا دلائل الخيرات شريف پڙهي رهيا هئا.
هنن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خوب مهمان نوازي ڪئي، جڏهن واپس اچڻ لڳاسين ته مون انهن مجذوب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا قدم مبارڪ پڪڙي عرض ڪيو: منهنجي لاءِ دعاءِ خير ڪري ڇڏيو! ان مجذوب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منهنجي پٺي تي هٿ رکيو ۽ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو: