Aala Hazrat Ki Wasiyatein

Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein

سعادت ملندي ٭ صبح صبح نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو ٭ اوهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! اوهان جي اعمال نامي ۾ به لکيو ويندو ٭ صبح صبح پيادل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت سٺي رهندي  ٭ هڪ اهم فائدو هي ته مسجد جي رونق وڌي ويندي. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

سڀني سوالن جا تسلي بخش جواب ڏنا!

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي وڏو شان عطا فرمايو آهي، پاڻ ڀليل ڀٽڪيلن کي راھِ حق جي هدايت ڏيڻ وارا آهن، سندن هڪ خوبصورت ۽ دلچسپ واقعو ٻڌو!

هڪ ڀيري نمازِ ظهر کان پهريان جو وقت هو، مولانا نعيم الدين مرادآبادي ۽ مولانا رحم اِلٰهي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهما اعليٰ حضرت جي خدمت ۾ حاضر هئا، ايتري ۾ هڪ غير مسلم اتي پهتو. چوڻ لڳو: منهنجا ڪجھ سوالَ آهن، جيڪڏهن تسلي بخش جواب ڏنا ويا ته مان زال ٻارن سميت ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويندس.

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   فرمايو: هاڻي ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي، ڪجھ دير ترسو! نماز کانپوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! توهان جي هر سوال جو جواب ڏنو ويندو. ان غير مسلم چيو: منهنجو پهريون سوال ته اهو ئي آهي ته توهان جي دين ۾ عبادت جا 5 وقت ئي ڇو مقرر آهن؟ الله پاڪ جي عبادت ته جيتري به ڪئي وڃي، سٺي ئي آهي، تنهن ڪري ان لاءِ وقت جو قيد نه هجڻ گهرجي ها؟ اهو ٻڌي مولانا نعيم الدين مرادآبادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    فوراً فرمايو: هي سوال ته توهان جي مذهب تي به ٿئي ٿو ڇو ته توهان هن وقت جنهن مذهب تي هلو ٿا، ان ۾ به پوجا پاٺ جو وقت مقرر آهي. مولانا رحم الاهي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  چيو: توهان جي مذهب جو ڪتاب منهنجي گهر آهي، مان گهرائي وٺان ٿو.

هاڻي هڪ شخص ڪتاب وٺڻ هليو ويو، طئي اهو ٿيو ته جيستائين ڪتاب اچي، تيستائين نماز ادا ڪري وٺجي، ان کانپوءِ باقي سوالن جا جواب به ڏنا ويندا. تنهنڪري اهو غير مسلم اتي ئي ترسيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   ۽