Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
صاحبِ استطاعت تي حج فرض آهي، الله پاڪ ان جي فرضيت بيان ڪري فرمايو:
وَ مَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِیٌّ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ(۹۷) ( پارہ:4، سورۀ ال عمران:97)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو انڪار ڪري ته الله سڄي جهان کان بي پرواھ آهي.
نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حج ترڪ ڪرڻ واري جي متعلق فرمايو: چاهي يهودي ٿي مري يا نصراني ٿي. ([1])
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجن مريدن کي وڌيڪ نصيحتون ڪندي فرمائن ٿا: ڪذب (ڪوڙ)، فحش (يعني بي حيائي)، چغلي، غيبت، زنا، لواطت، ظلم، خيانت، ريا، تڪبر، ڏاڙهي ڪترائڻ، فاسقن جا انداز اپنائڻ ۽ هر بري خصلت کان بچو.
جيڪو انهن (بيان ڪيل سڀني) ڳالهين جو عامل رهندو، الله ۽ رسول جي وعدي سان ان لاءِ جنت آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! امير اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه عاشقِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آهن، پاڻ صرف اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٻڌائيندا ناهن بلڪ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پياريندا آهن، پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان محبت جو ئي فيضان آهي جو اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي رضويات تي ڪم ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهي آهي. دعوتِ اسلامي جي علمي ۽ تحقيقي شعبي المدينة العلميه ۾ باقاعده