Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
مسجد اچي ويو، اسلامي ڀائر ان سان ايتري بااخلاق طريقي سان پيش آيا جو اهو 6 ڏينهن تائين قافلي وارن سان گڏ رهيو، علائقائي دوري جي برڪت ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت سبب هن گناهن کان توبه ڪئي، ڏاڙهي سجائي، عمامي شريف جو تاج به مٿي تي سجائي ورتو ۽ قافلن جو مسافر به بڻجي ويو.
گر آئے شرابی مٹے ہر خرابی چڑھائے گا ایسا نشہ دینی ماحول
تُو آ بے نَمازی، ہے دیتا نمازی خدا کرم سے بنا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد
هر هفتي اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چئنل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن. ماھ ربيع الاول شريف جي چنڊ رات کان وٺي ٻارهين رات تائين اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي مان براهِ راست مدني مذاڪرو فرمائيندا. عاشقانِ رسول (جن کان ٿي سگهي اهي) عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي ۾ تشريف آڻي هنن مدني مذاڪرن ۾ شريڪ ٿين، ۽ جيڪڏهن چاهين ته پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اجتماعي طور تي هنن مدني مذاڪرن کي ڏسڻ جو اهتمام ڪن. سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.
مڪتبة المدينه پاران قرآن، حديث، عقائد، تصوف ۽ فقه ۾ مهارت رکندڙ عظيم الشان عالمِ دين، اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سيرت جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪندڙ 2 رسالا شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي وئي آهي:
1. تذڪره امام احمد رضا
2. امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون 25 ڳالهيون
ان سان گڏوگڏ 60 موضوعن تي مشتمل هڪ خوبصورت ڪتاب ”فيضانِ