Aala Hazrat Ki Wasiyatein

Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein

ڪِرندڙ کي سنڀالي ورتو

سيّد رضا علي صاحب، اعليٰ حضرت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    جي مريدن مان آهن، فرمائن ٿا: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    کان مريد ٿيڻ کان پهريان جي ڳالهه آهي، مون کي پيرِ ڪامل جي تلاش هئي، چاهيان پيو ته ڪو ڪامل پير ملي ته مريد ٿي وڃان، مون کي ڪنهن چيو: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    هن دور جا ڪامل ولي آهن، اوهان ان جا مريد ٿي وڃو! مون چيو: جيستائين ڪجھ ڏسي نه وٺندس، تيستائين مريد نه ٿيندس.

اهو انهن جو واقعي وڏو اهم احتياط آهي. مريد ٿيڻ تمام اهم ڳالھ آهي، مريد ٿيڻ جو مطلب هوندو آهي ته پاڻ کي پنهنجي شيخ جي حوالي ڪري ڇڏڻ. ظاهر آهي ايڏو وڏو فيصلو بغير سوچڻ سمجهڻ جي ته نٿو ڪري سگهجي. اڄڪلھ ڇو ته معلومات جي کوٽ آهي، حالات اهڙا آهن جو بس جنهن ڏانهن دل مائل ٿي، ان جي ئي هٿ ۾ هٿ ڏئي ڇڏيو. ائين نه ڪرڻ گهرجي، ها! پير صاحب کان ڪرامتون گهرڻ بي ادبي آهي. البته! شريعت جي ڳالھ ته مڃبي، شريعت ڪامل پير جون 4 شرطون ٻڌايون آهن: (1): صحيح العقيده سُنّي هجي (2): ايترو علم رکندو هجي جو پنهنجي ضرورت جا مسئلا ڪتابن مان ڪڍي سگهي (3): فاسقِ مُعلن (يعني اعلانيه گناھ ڪرڻ وارو) نه هجي (4): ان جي بيعت جو سلسلو نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين مليل هجي. جتي انهن شرطن مان ڪا شرط گهٽ آهي، بيعت جائز ناهي. ([1]) 

خير! سيّد رضا علي صاحب فرمائن ٿا: ڪافي عرصي تائين مان ڪامل پير جي تلاش ۾ رهيس. آخر هڪ ڀيرو ائين ٿيو، مان رات جو سمهي پيس، قسمت جاڳي پئي، مون خواب ڏٺو؛ مان هڪ کليل ميدان ۾ آهيان ۽ ڪِرڻ لڳو هان. اتي ئي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تشريف فرما ٿيا، پاڻ مون ڪرندڙ کي سنڀالي بيهاري ڇڏيو. صبح ٿيو، مون اهو خواب پنهنجي دوست نياز احمد صاحب کي ٻڌايو، هن فرمايو: اوهان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    جا مريد ٿيو! اعليٰ حضرت واقعي ڪرندڙن کي سنڀالي وٺندا آهن. بس اها ڳالھ ٻڌي ۽ مان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    جي مبارڪ هٿ تي مريد ٿي ويس.([2])


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ، جلد:26، صفحہ:568۔

[2]... فیضانِ اعلیٰ حضرت، صفحہ: 439 بتصرف۔