Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علائقائي دورو به آهي.
حديثِ پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راھِ خدا ۾ مٽيءَ هاڻا ٿيا، انهن کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي([1]) ٭ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ، برائي کان منع ڪرڻ لاءِ گهر کان نڪرڻ به راھِ خدا ۾ نڪرڻ آهي ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪي جي دعوت ڏيڻ لاءِ بازارن ۾ تشريف وٺي ويندا هئا ٭ مختلف قبيلن ۾ وڃي به نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا. ([2]) دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن٭ گهر گهر، دڪان دڪان وڃي نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي٭ ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي ٭ نمازن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي ٭ اسان ان کي علائقائي دورو چوندا آهيون. اوهان به عاشقانِ رسول سان گڏجي علائقائي دورو ڪندا رهو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! ٭ سنتِ انبياء تي عمل جي سعادت ملندي ٭ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو٭ حديثِ پاڪ مطابق نيڪي جي راھ ڏيکارڻ وارو، نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي([3]) ٭ جيڪڏهن اسان جي نيڪي جي دعوت سان هڪ شخص به نيڪ نمازي بڻجي ويو ته يقين مڃو! ٻيڙو پار ٿي ويندو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد
عاشقانِ رسول جو هڪ قافلو (گجرات، هندستان) پهتو قافلي جا شريڪَ علائقائي دورو ڪرڻ لاءِ مسجد کان ٻاهر تشريف وٺي ويا، علائقائي دوري دوران هڪ شرابي کي سمجهايو ويو، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اهو شرابي قافلي وارن سان گڏ