Aala Hazrat Ki Wasiyatein

Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein

وَ فِیْ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ ہر اِک سائل کا حق ٹھہرا

نہیں پھرتا کوئی مَحْروم ایسے باسخا تم ہو

بھکاری تیرے در کا بھیک کی جھولی ہے پھیلائے

بھکاری کی بھرو جھولی گدا کا آسرا تم ہو

وضاحت: الله پاڪ جي فرمان وَ الَّذِیْنَ فِیْۤ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ مَّعْلُوْمٌ (۽ اهي جن جي مال ۾ هڪ معلوم حق آهي (سيپارو: 29، سورت معارج: 24) جي مطابق مالدارن جي مال ۾ هر نادار جو حق هوندو آهي، اي منهنجا پير مرشد! اي امام احمد رضا خان! اوهان ته اهڙا سخي آهيو جو اوهان جو ڪو به سوالي اوهان جي درٻار مان محروم نٿو وڃي، اوهان جي در جو فقير جهولي پکيڙي بيٺو آهي، ان جي جهولي ڀري ڇڏيو! جو ان جو آسرو صرف اوهان آهيو.

خائفِ کبریا         ہیں رضا ہیں رضا              عاشقِ مصطفےٰ              ہیں رضا ہیں رضا

صوفیِ باصفا           ہیں رضا ہیں رضا              صاحبِ اِتِّقا                ہیں رضا ہیں رضا

عاشقِ اولیا           ہیں رضا ہیں رضا              زینتِ اَتْقِیا                ہیں رضا ہیں رضا([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                    صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مختصر تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! اي عاشقانِ رضا! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    ٭ عاشقن جا امام آهن ٭ سُنّين جا امام آهن ٭ عالمن جا امام آهن ٭ عابدن جا امام آهن ٭ زاهدن جا امام آهن ٭ اهلِ تقويٰ جا امام آهن ٭ فقيهن، محدثن، مفسرن جا امام آهن ٭ پاڻ مجدد به آهن ٭ مفسر به آهن ٭ محدث به آهن ٭ تمام وڏا عالم به آهن ٭ انتهائي ذهين (Intelligent) مفتي به آهن ٭ قرآن جا حافظ به آهن٭ ۽ سڀ کان وڌيڪ هي ته مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا سچا عاشق به آهن.


 

 



[1]... وسائلِ فردوس، صفحہ:62 ملتقطاً۔