Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
فرمايو: (ان کي هڪ مثال سان سمجهو! فرض ڪيو) هڪ بادشاھ آهي، هن پنهنجي ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ پنهنجو هڪ نائب مقرر ڪيو، ان نائب ملڪ جو انتظام تمام سٺي طريقي سان بادشاھ جي خواهش مطابق نهايت خوبصورتيءَ سان هلايو، هاڻي بادشاھ پنهنجي نائب کي انعامن سان نوازڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو. هاڻي ٻڌايو! بادشاھ ان نائب کي انعامن سان نوازي واپس موڪلي ڇڏيندو يا ان کي ان جي عهدي تان هٽائي پاڻ وٽ روڪي ڇڏيندو؟ (يقيناً ان نائب کي انعامن سان نوازي فرمايو ويندو: توهان تمام سٺو ڪم ڪيو، پنهنجو ڪم جاري رکو!).
ايتري دل نشين، آسان ترين ۽ حڪمت ڀريل انداز ۾ پنهنجي سڀني سوالن جا جواب ٻڌي غير مسلم چيو: مون کي سڀني سوالن جا جواب ملي ويا، مان پنهنجي زال ٻارن کي آڻيان ٿو، اسان سڀ اسلام قبول ڪنداسين. (بعد ۾ انهن سڀني اسلام قبول ڪري ورتو).[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيترو خوبصورت ۽ پيارو پيارو انداز آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هي آهي اعليٰ حضرت جو شان...!! هاڻي ٿورو اها آيت سڳوري ٻيهر ٻڌو! الله پاڪ فرمايو:
وَ مِمَّنْ خَلَقْنَاۤ اُمَّةٌ یَّهْدُوْنَ بِالْحَقِّ (پارہ:9، سورۀ اعراف:181)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اسان جي مخلوق مان هڪ اهڙو ٽولو آهي جيڪو حق جي هدايت ڏيندو آهي.
خائفِ کبریا ہیں رضا، ہیں رضا عاشقِ مصطفےٰ ہیں رضا، ہیں رضا
صوفیِ باصفا ہیں رضا، ہیں رضا صاحبِ اِتِّقا ہیں رضا، ہیں رضا
عاشقِ اولیا ہیں رضا، ہیں رضا زینتِ اَتْقِیا ہیں رضا ،ہیں رضا([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حق جو معيار به آهن