Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
آيتِ ڪريمه جي وضاحت ۽ سکڻ واريون ڳالهيون
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان آيتِ ڪريمه ٻڌي، اللہ پاڪ ماکيءَ جي مک کي ٽن ڳالهين جو حڪم ڏنو:
(1): پهريون حڪم
اَنِ اتَّخِذِیْ مِنَ الْجِبَالِ بُیُوْتًا وَّ مِنَ الشَّجَرِ وَ مِمَّا یَعْرِشُوْنَ (ۙ۶۸)
(پارو:14، سوره نحل:68)
ترجمو ڪنزالعرفان: ته جبلن ۾، وڻن ۾ ۽ ڇتين ۾ گهر ٺاهه.
يعني انهن مکين کي حڪم آهي ته پنهنجو گهر فقط جبلن ۾ ٺاهڻو آهي يا وري وڻن ۾ يا ڇتين ۾ ٺاهڻو آهي.
(2): ٻيو حڪم ڏنو:
ثُمَّ کُلِیْ مِنْ کُلِّ الثَّمَرٰتِ
(پارو:14، سوره نحل:69)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ هر قسم جي ميون مان کاءُ.
يعني گلن ۽ ميون جو رس چوسڻو آهي، گنديون شيون نه کائڻيون آهن.
(3): ٽيون حڪم:
فَاسْلُکِیْ سُبُلَ رَبِّکِ ذُلُلًا ؕ
(پارو:14، سوره نحل:69)
ترجموڪنزالعرفان: پنهنجي رب جي (بڻايل) نرم ۽ آسان رستن تي هل.
يعني اهي رستا جن جو الهام ڪيو ويو آهي، صرف انهن ئي رستن تي هلڻو آهي.
ماکيءَ جي مک کي اهي ٽي حڪم ڏنا ويا، قربان وڃجي! ماکيءَ جي مک پنهنجي رب ڪريم جي ايڏي وڏي فرمانبردار آهي جو انهن ٽنهي حڪمن تي پوريءَ طرح عمل ڪندي آهي. * انهن جا گهر ڏسو، جبلن، وڻن ۽ ڇتين