Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
واقعات آهن * ايئن به ٿيو آهي جو قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائي جي لاءِ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ قافلي جي شرڪاء کي ديدار جو جام پياريائون.
اسان قافلن ۾ سفر ڪيون، ڪهڙي خبر ته اسان تي به ڪرم ٿي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر جي نيت ڪري وٺو! اچو ته! ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
حيدرآباد جي هڪ محلي ۾ علاقائي دوري جي دعوت کان متاثر ٿي، هڪ ماڊرن (Modern) نوجوان مسجد ۾ آيو. بيان ۾ قافلن ۾ سفر جي ترغيب ڏياري وئي ته هن قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجو نالو لکرايو. اڃان قافلي ۾ سندس روانگي ۾ ڪجهه ڏينهن باقي هئا ته قضاءِ الٰهي سان سندس انتقال ٿي ويو. ڪنهن گهر واري مرحوم کي خواب ۾ اهڙي حالت ۾ ڏٺو جو هو هڪ سرسبز باغ ۾ نهايت خوش آهي ۽ پِينگهي ۾ لُڏِي رهيو آهي. خواب ڏسڻ واري پڇيو: هتي ڪيئن آيو آهين؟ هن نوجوان جواب ڏنو: دعوتِ اسلامي جي قافلي سان آيو آهيان، الله پاڪ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي، منهنجي ماءُ کي چئجان ته هوءَ منهنجو غم نه ڪري، مان هتي تمام گهڻو سڪون ۾ آهيان.
لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو
پاؤگے بخششیں قافلے میں چلو جنّتیں بھی ملیں، قافلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد