Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
فرمايو ته اهو اسان جي عيدگاهه جي ويجهو نه اچي. ([1]) * حضرت بابا فريد الدين گنج شڪر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو صدقو ۽ قرباني نه ڪندو آهي ان کان آرام کسيو ويندو آهي.([2]) * قرباني جي وقت ۾ قرباني ڪرڻ ئي لازمي آهي ڪنهن به ٻي شيءِ (يعني مال وغيرهه جي ذريعي صدقو) ناڪافي آهي.([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! قرباني جا تفصيلي احڪام سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل ڪتاب بهارِ شريعت جلد: 3، حصه: 15 ۽ اميرِ اهلسنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو 50 صفحن جو رسالو ابلق گهوڙي سوار خريد فرمايو ۽ ان جو مطالعو ڪريو.
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
(1)جمعه جي رات جو دُرُود
اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ
الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ
بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان