Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

اللہ پاڪ اسان کي به اهڙو جذبو نصيب فرمائي، ربِ ڪائنات انهن کي ئي قاسمِ نعمت (نعمتون ورهائڻ وارو) بڻايو آهي، جھوليون ڀرجنديون آهن ته هن ئي در تان ڀرجنديون آهن، تنهنڪري اسان کي گُهرڻو آهي ته هن ئي در تان گُهرڻو آهي، هڪ ڀيرو نه، بار بار گُهرڻو آهي، خدا نه ڪري...!! ائين ٿيندو ناهي، پوءِ به اللہ نه ڪري، سوال رد به ڪيو وڃي، تڏهن به هتي ئي پيل رهڻو آهي، هتان ئي گهرڻو آهي، هتان ئي گهرڻو آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جھولي ڀرجي ئي ويندي ۽ اهڙي ڀرجي ويندي جو ڪا به تمنا باقي نه رهندي. 

مانگیں گے، مانگے جائیں گے، مُنہ مانگی پائیں گے

سرکار میں نہ لَا ہے، نہ حاجت اَگَر کی ہے[1]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد       

دنيا تنهنجي لاءِ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ماکي اللہ پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي ۽ ماکيءَ جي مک جيڪا ماکي ٺاهيندي آهي، اها به اللہ پاڪ جي عظيم نعمت آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي:

وَ اِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَۃَ اللّٰہِ لَا تُحْصُوْھَا

 (پارو:14، سوره نحل:18)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪڏهن توهان اللہ جون نعمتون ڳڻيو ته انهن جو شمار ڪري نه سگهند

هيءَ آيتِ ڪريمه اوهان پهريان به ڪيترائي ڀيرا ٻڌي هوندي پر مسئلو هي آهي ته اسان جي سوچ تمام محدود (Limited) هوندي آهي، اسان جڏهن هيءَ آيتِ ڪريمه ٻڌندا آهيون يا ان ڳالهه تي غور ڪندا آهيون ته اللہ پاڪ جون نعمتون بيشمار آهن، انهن جي اسان ڳڻپ نه ٿا ڪري سگهون ته اسان جون


 

 



[1] [1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:225۔