Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
نگاهون فقط اسان جي ذات تائين محدود رهجي وينديون آهن. اسان فقط اهو سوچڻ لڳندا آهيون ته اللہ پاڪ اسان کي * ڪن ڏنا! * هٿ ڏنا! * پير ڏنا! * جسم جي اندر هڪ وڏو اعصابي نظام (Nervous system) ڏنو * هاضمي جو نظام (Digestive system) ڏنو * زمين ٺاهي * آسمان ٺاهيا، اسان بس اهڙيون ڳالهيون سوچيندا رهجي ويندا آهيون. يقيناً اهي به اللہ پاڪ جون وڏيون نعمتون آهن ۽ اهي به ايتريون وڌيڪ آهن جو اسان شمار نه ٿا ڪري سگهون، پر اللہ پاڪ جون نعمتون صرف اهي ئي نه آهن، ان جون نعمتون سڄي ڪائنات ۾ پکڙيل آهن * ننڍا ننڍا ذرڙا * جِيت جڻيا * مختلف قسم جا بيڪٽيريا جن کي انساني اک سان ڏسي به نٿو سگهجي، اهي سڀ اسان جي لاءِ نعمت آهن، اللہ پاڪ هڪ ذرو به فضول پيدا نه ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٺاهيو آهي، اهو اسان انسانن جي فائدي لاءِ ٺاهيو آهي، هن سموري ڪائنات جو مرڪز انسان آهي، هر هڪ شيءِ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اسان جي ئي فائدي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اللہ پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
ھُوَ الَّذِیْ خَلَقَ لَکُمْ مَّا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًا
(پارو:1، سوره بقرہ:29)
ترجموڪنزالعرفان: اهو ئي آهي جنهن جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي سڀ توهان جي لاءِ بڻايو.
يعني اللہ پاڪ اهو آهي جنهن زمين به پيدا ڪئي ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو سڀ به پيدا ڪيو ۽ ڪنهن جي لاءِ پيدا ڪيو...؟ توهان جي فائدي جي لاءِ.