Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
پکين کي سڏ ڪري فرمايو: اي هرڻؤ! اي پکيؤ! اوهان مان هڪ پکي ۽ هڪ هرڻ مون ڏانهن اچي، مون کي پنهنجي مهمان جي مهمان نوازي ڪرڻي آهي.
قربان وڃجي! صحابيءِ رسول حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو آواز ٻڌائون ته هڪ هرڻ ۽ هڪ پکي ڪنڌ جهڪائي ادب سان خدمت ۾ حاضر ٿي ويا. اهو منظر ڏسي اهو شخص تمام گهڻو حيران ٿيو ۽ تعجب جي ڪري سندس زبان مان بي ساخته نڪتو: سُبْحٰنَ اللہ! حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: ڇا توکي حيراني ٿي رهي آهي؟ پوءِ فرمايائون: ڇا تو ڪو اهڙو ٻانهو ڏٺو آهي جيڪو پنهنجي رب جي اطاعت ڪندو هجي ۽ اهي شيون (جيڪي انسان جي خدمت لاءِ ئي ٺاهيون ويون آهن) ان شخص جي اطاعت نه ڪن. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته جيڪو اللہ ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪندو آهي، دنيا ان جي اطاعت ۾ لڳي ويندي آهي. ڪرامتن جو ظاهر ٿيڻ اهو ته اولياءِ ڪرام جو حصو آهي، اسان جهڙا عام ٻانها اللہ ۽ رسول جي اطاعت ڪن، فرمانبرداري ڪن، هر هڪ حڪم کي دل ۽ جان سان قبول ڪري ان تي عمل پيرا ٿي وڃن ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بگڙيل ڪم سنورجي ويندا، ڪاميابين جا دروازا کُلي ويندا ۽ دنيا ۽ آخرت جون اهڙيون اهڙيون برڪتون نصيب ٿينديون جو ڪنهن به شيءِ جي ڪَمِي نه رهندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
هڪ صحابي هئا: حضرت جَلبِيۡب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ. هي هڪ ڏينهن بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيا، انهن جو نڪاح نه ٿي رهيو هو. پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم