Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
گلن جو رس به چوسيندي آهي پر ٻنهي قسمن جي رس جو جيڪو نتيجو نڪرندو آهي (يعني ماکي) اهو سمورو جو سمورو مٺو ئي هوندو آهي. [1]
ساڳي ئي طرح حضرت بلال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو به اهو شان آهي ته انهن سان لهجو مٺو اپنايو! ته جواب مٺو ملندو ۽ جيڪڏهن لهجو ڪوڙو اختيار ڪيو! تڏهن به جواب مٺو ئي ملندو.[2]
اسان وٽ ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته اسان شريفن سان شريف ۽ بدمعاشن سان بدمعاش آهيون. هن حديث پاڪ تي ٿورو غور ڪريو. حضرت بلال حبشي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي غلامن جو اهو شان هوندو آهي ته اهي شريفن سان ته شريف هوندا ئي آهن، بدمعاشن سان به شريف ئي هوندا آهن. حالات، واقعات ۽ موسم جي تبديليءَ سان انهن جي اخلاق، ڪردار ۽ افڪار ۾ تبديلي نه ايندي آهي، انهن سان برائي ڪيو، سخت لهجو اختيار ڪيو تڏهن به اهي مٺا ئي هوندا آهن ۽ جيڪڏهن نيڪي ڪيو تڏهن به اهي مٺا ئي رهندا آهن.
حُسنِ اخلاق ڏسي ڪافر مسلمان ٿي ويو
هڪ دفعي هڪ شخص خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: گهڻي وقت کان توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جي تمنا هئي، شڪر آهي جو اڄ اها نعمت نصيب ٿي آهي.
اللہُ اَکْبَر! الله وارن جو شان ئي نرالو آهي، هي شخص غير مسلم هو ۽ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي معاذَ اللہ! قتل ڪرڻ جي ارادي سان آيو هو پر زبان سان خوشامد واريون ڳالهيون ڪري رهيو هو. خواجه صاحب ته وري خواجه صاحب آهن، پاڻ هن جي ڳالهه ٻڌي فرمايائون: جنهن نيت سان آيو آهين، اهو