Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
ڪم ڪر! بس ايترو ٻڌڻ سان ئي اهو شخص خوف کان ڪنبڻ لڳو ۽ زمين تي ڪري پيو. هن عاجزي سان عرض ڪيو: حضور! منهنجي اهڙي ڪا نيت نه هئي، مون کي فلاڻي شخص ورغلائي موڪليو هو. ايترو چئي هن پنهنجي بغل ۾ لڪايل خنجر ڪڍي سندن سامهون رکيو.
خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو شان ڏسو! فرمايائون: ڪنهن جو نالو نه کڻ! ۽ نه ئي ڪنهن جو راز کول ...!
سُبْحٰنَ اللہ! پهريان هن غير مسلم خواجه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪرامت ڏٺي هئي، هاڻي عيب پوشي جو شان به ڏٺائين، هاڻي ته هو انهن جو شيدائي ٿي ويو، هن پنهنجو ڪنڌ خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي قدمن ۾ رکيو ۽ عرض ڪيو: سائين! مان سزا جو حقدار آهيان، مون کي سزا ڏيو! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اي عزيز! اسان جو طريقو آهي ته جيڪو اسان سان برائي ڪندو آهي، اسان ان سان نيڪي سان پيش ايندا آهيون. اهو چئي پاڻ هن جو ڪنڌ مٿي کنيائون. هڪ ئي مجلس ۾ ايتريون مهربانيون، اهڙا اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار ڏسي، ان شخص جي دل جي دنيا ئي بدلجي وئي. هن جي دل ۾ خواجه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي عقيدت گهر ڪري وئي هئي. جيئن ته قتل جو ارادو ڪري آيل غير مسلم شخص خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مبارڪ هٿن تي توبهه ڪئي، ڪلمهءِ اسلام پڙهيو ۽ اوهان جي غلامن ۾ شامل ٿي ويو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! اهو هوندو آهي هڪ مسلمان جو شان ...!! ان سان برائي ڪجي، تڏهن به هو ان جو جواب برائي سان نه ڏيندو آهي. مسلمان جو مثال ماکيءَ جي مک جيان آهي، جيڪا ڪَوۡڙو کائي يا مٺو کائي، جيڪو ڪڍندي آهي، اهو