Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

محسوس ٿئي ته اهو ضرور غور ڪيو ته اهو ماکيءَ جي مک جي اطاعت جو نتيجو آهي. غور فرمايو! اطاعت جو نتيجو، فرمانبرداري جو انعام ڪيڏو مٺو، لذيذ ۽ شفا بخش هوندو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان به اللہ ۽ رسول جا فرمانبردار ٿي وڃون. جڏهن ماکيءَ جي مک کي ايڏو وڏو انعام ملي سگهي ٿو ته سوچيو! انسان جيڪو اَشْرَفُ الْمَخْلُوقات آهي، جڏهن هي اللہ ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪندو ته کيس ڪهڙا ڪهڙا نه  انعامات نصيب ٿيندا. اللہ پاڪ فرمائي ٿو: 

وَ مَنْ یُّطِعِ اللّٰہَ  وَ رَسُوْلَہٗ  فَقَدْ  فَازَ  فَوْزًا عَظِیْمًا (۷۱)  

 (پارو:22، سوره احزاب:71)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو اللہ ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ان وڏي ڪاميابي ماڻي

 سُبْحٰنَ اللہ! هيءَ اللہ ۽ رسول جو حڪم مڃڻ جي برڪت آهي ته ٻانهو دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به وڏي ڪاميابي جو حقدار بڻجي ويندو آهي. 

اُسے مانتی ہی دُنیا، اسے ڈھونڈتی ہے منزل

رہِ عشقِ مصطفےٰ پر جو غُلام چل پڑا ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد     

اطاعت جي برڪت

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مشهور صحابيءِ رسول آهن. هڪ ڏينهن پاڻ مدائن شهر مان نڪتا، سندن هڪ مهمان (Guest) به اوهان سان گڏ هو، (رستي ۾ هڪ جاءِ تي جنگل مان گذرڻ ٿيو) هرڻ جنگل ۾ گهمي رهيا هئا ۽ پکي هوا ۾ اڏامي رهيا هئا، حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  چاهيو ته مهمان جي مهمان نوازي (Hospitality) ڪئي وڃي. تنهنڪري پاڻ هرڻن ۽