Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

تي ئي هوندا آهن، انهن کان علاوهه ٻيو ڪٿي به نه هوندا. بلڪه علّامه دَمِيري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکيو آهي: اللہ پاڪ گهر ٺاهڻ لاءِ انهن کي ٽي جايون ٻڌايون:    (1): جبل (2): وڻ (3): مختلف ڇتيون. اهي ٽيئي جايون انهيءَ ترتيب سان ٻڌايون ويون آهن ته ماکيءَ جون مکيون ان ترتيب جو به خيال رکنديون آهن. سڀ کان پهريان جبلن ۾ گهر ٺاهڻ جو چيو ويو، تنهنڪري انهن جا گهڻا گهر جبلن تي ئي هوندا آهن. وڻن جو ذڪر ٻئي نمبر تي آهي، تنهنڪري جبلن کان پوءِ گهڻا گهر وڻن تي هوندا آهن، آخر ۾ ماڻهن جي آبادي ۾ مختلف ڇتين تي گهر ٺاهڻ جو چيو ويو، تنهنڪري انهن جاين تي سڀ کان گهٽ مانارا ٺاهينديون آهن. يعني اهي ايڏيون فرمانبردار آهن جو حڪم مڃڻ ته الڳ ڳالهه آهي پر حڪم ڏيڻ ۾ جيڪا ترتيب ارشاد ڪئي وئي آهي ماکيءَ جي مکين ان ترتيب جو به پورو پورو خيال رکيو آهي.

* پوءِ انهن کي چيو ويو ته ميون ۽ گلن مان ئي خوراڪ وٺڻي آهي. اوهان ماکيءَ جي مک کي گندگي تي ويٺل ڪڏهن به نه ڏسند ...! اهي هن حڪم تي به پوريءَ طرح عمل ڪنديون آهن. ايتري قدر جو گندو پاڻي به هرگز نه پيئنديون آهن چاهي ڪيترائي ڪلوميٽر پري وڃڻو پوي سفر ڪري وينديون آهن پر صرف ۽ صرف صاف پاڻي تلاش ڪري اهو ئي پيئنديون آهن.

سُبْحٰنَ اللہ! اها ماکيءَ جي مکين جي اطاعت گذاري آهي، ان جو انعام ڏسو ڪهڙو مليو، اللہ پاڪ انهن جي پيٽ مان نڪرڻ واري رطوبت کي جامِ شِفا بڻائي ڇڏيو. ارشاد ٿئي ٿو: 

یَخْرُجُ مِنْۢ بُطُوْنِہَا شَرَابٌ مُّخْتَلِفٌ اَلْوَانُہٗ  فِیْہِ شِفَآءٌ لِّلنَّاسِ ؕ

(پارو:14، سوره نحل: 69)

ترجموڪنزالعرفان: ان جي پيٽ مان پيئڻ جي هڪ رنگ برنگي شيءِ نڪري ٿي جنهن ۾ ماڻهن لاءِ شِفا آهي.