Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

وَحْدَہٗ لَاشَرِیْک آهي، ان جي قدرت غالب آهي، اهو ئي آهي جيڪو سڀني کي پاليندو آهي، اهو سڀني کي صلاحيتون عطا ڪرڻ وارو آهي. 

کوئی تو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خدا ہے
دکھائی بھی جو نہ دے، نظر بھی جو آرہا ہے وہی خدا ہے
کسی کو تاجِ وقار بخشے، کسی کو ذلت کے غار بخشے
جو سب کے ماتھے پہ مہرِ قدرت لگا رہا ہے، وہی خدا ہے
سفید اُس کا سیاہ اُس کا، نفس نفس ہے گواہ اُس کا
جو شعلہء جاں جلا رہا ہے، بُجھا رہا ہے، وہی خدا ہے

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو ته ماکيءَ جون مکيون ڪيئن منظم انداز ۾ پنهنجا ڪم سرانجام ڏين ٿيون؟ عام طور تي اهي مکيون ماکي ٺاهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون آهن، جنهن سان هو مانارو، ماکي ٺاهڻ، ماناري کي صاف رکڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم آساني سان سرانجام ڏئي وٺنديون آهن، جيڪڏهن ڪا مک اڪيلي اهو ڪم ڪرڻ چاهي ته ڇا اهو ممڪن آهي؟ يقيناً ناهي. ڇا اها مک جيڪا ماکي ٺاهڻ جي فن کي ڄاڻي ٿي، اها مانارو ٺاهي سگهي ٿي؟ ڇا اها جيڪا ماناري جي صفائي جي ڪم کي بخوبي ڄاڻي ٿي، اها مانارو ٺاهي سگهي ٿي؟ مطلب ته پنهنجي ذميوار جي ڳالهه مڃيندي ڪمن کي پاڻ ۾ ورهائڻ، پوءِ جنهن جي ذمي جيڪو ڪم آهي ان کي بهترين نموني سان سرانجام ڏيڻ ئي ڪاميابي ۽ بهترين ڪارڪردگي جي اصل آهي. جيڪڏهن اسان به اها خوبي اختيار ڪريون، هر ڪم کي ذميوار ۽ ماتحت اسلامي ڀائرن ۾ ورهائي گڏجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ته ائين هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان مستفيد ٿيڻ جا به بهترين موقعا نصيب ٿيندا ۽ ڪم به بخوبي پڄاڻي تي پهچندا.

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                          صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد