Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

جو چوڻ آهي ته 6 ڪنڊن واري شڪل اها واحد شڪل آهي، جيڪا جاءِ گهٽ والاريندي آهي ۽ بلڪل به ضايع نه ٿيندي آهي، ان ۾ وڌيڪ مقدار ۾ شيون سمائجي سگهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو ماکيءَ جي مک 6 ڪنڊن وارو گهر ٺاهيندي آهي ته جيئن ان ۾ وڌ کان وڌ ماکي اسٽور ڪري سگهجي  * علّامه دَمِيري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ لکن ٿا: وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ماکيءَ جون مکيون مانارو ٺاهڻ لاءِ ڪو به اوزار، ڪا به پرڪار وغيرهه استعمال نه ڪنديون آهن، ان جي باوجود انهن جي ماناري جو هر خانو هڪ جيترو ويڪرو، هڪ جيترو گهرو ۽ بالڪل هڪ جهڙو هوندو آهي. * ماکيءَ جي مکين جو ڪم ڪرڻ جو انداز به تمام نرالو آهي. اهي سڀ گڏجي مِلي ڪري ڪم ڪنديون آهن. انهن ۾ هڪ راڻي مک هوندي آهي، جيڪا سڄي ماناري جو انتظام سنڀاليندي آهي * انهن جي رهڻي ڪهڻي جا باقاعده قانون هوندا آهن، سڀئي مکيون انهن جي پابندي ڪنديون آهن * مثال طور، انهن جو هڪ قانون اهو آهي ته ڪا به مک ماناري جي اندر گندگي نه آڻيندي، جيڪڏهن ڪا مک گندگي واري جاءِ تي ويهي رهي ۽ ان جي پيرن وغيره تي جيڪڏهن ڪا گندگي لڳي پوي ته ان کي ماناري ۾ داخل ٿيڻ ئي نه ڏنو ويندو آهي، ان ڪم لاءِ انهن وٽ باقاعده دربان مقرر هوندا آهن * انهن ۾ ڪم ورهايل هوندا آهن، ڪجهه مکين جو ڪم ماکي ٺاهڻ هوندو آهي * ڪجهه مکيون ميڻ ٺاهينديون آهن * ڪجهه مکيون مانارو تعمير ڪنديون آهن   * ۽ ڪجهه پاڻي کڻي اينديون آهن. ائين اهي سڀ گڏجي ملي جُلي ڪم ۾ مشغول رهنديون آهن.

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته ڪيو! اهو ڪير آهي جنهن انهن ننڍڙين مکين کي اهڙو هنرمند، اهڙو منظم ۽ واقفڪار بڻايو آهي ...؟ يقيناً اهو اللہ