Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

نه ٿا اچن، جيڪڏهن نظر ايندا به آهن ته تمام گهٽ نظر ايندا آهن، اهڙي طرح پاڻيءَ جا جيڪي نلڪا هوندا آهن، انهن تي به پاڻيءَ جي تلاش ۾ مکيون لامارا ڏيندي نظر اينديون هيون، هاڻي اتي به نظر نه ٿيون اچن، اتفاقاً ڪا نظر اچي ته اچي، نه ته اڪثر نظر نه ٿيون اچن.

 اها هڪ وڏي خطري جي گهنٽي آهي. انهيءَ ئي خطري کان آگاهي جي لاءِ عالَمي سطح تي ماکيءَ جي مکين جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ته جيئن اسان کي خبر پوي ته اها به اللہ پاڪ جي وڏي نعمت آهي، اسان کي ان جي به حفاظت ڪرڻي آهي. 

ان جو طريقو ڇا هوندو...؟ * اسان ٻوٽا لڳايون * انهن کي وڻ بڻايون * موسمياتي تبديلين تي ڪنهن حد تائين قابو پايون ته جيئن ماکيءَ جون مکيون، ننڍيون ننڍيون ڀونڀيريون ۽ مختلف جيتن جڻين جو نسل وڌي ۽ انهن جي ذريعي اسان جو به تحفظ ٿي سگهي. اللہ پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. آمين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.   

ماکيءَ جي مَکِ کي نصيحت

پيارا اسلامي ڀائرو! ماکيءَ جي مک وڏي عجيب شيءِ آهي. اوهان کي خبر آهي؟ قرآن ڪريم ۾ ماکيءَ جي مک جي نالي سان هڪ مڪمل سورت موجود آهي. سُورۂ نَحْل 14 هين سيپاري ۾ آهي، نَحْل عربي ۾ ماکيءَ جي مک کي چوندا آهن. هن مبارڪ سورت ۾ ماکيءَ جي مک جي ڪمالات کي بيان ڪيو ويو آهي. اچو ته ! ٻڌون ٿا، اللہ پاڪ فرمائي ٿو: 

وَ اَوْحٰی رَبُّکَ اِلَی النَّحْلِ اَنِ اتَّخِذِیْ مِنَ الْجِبَالِ بُیُوْتًا وَّ مِنَ الشَّجَرِ وَ مِمَّا یَعْرِشُوْنَ (ۙ۶۸) ثُمَّ  کُلِیْ مِنْ کُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسْلُکِیْ سُبُلَ رَبِّکِ ذُلُلًا ؕ یَخْرُجُ مِنْۢ بُطُوْنِہَا شَرَابٌ مُّخْتَلِفٌ اَلْوَانُہٗ  فِیْہِ شِفَآءٌ لِّلنَّاسِ ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِکَ لَاٰیَۃً   لِّقَوْمٍ  یَّتَفَکَّرُوْنَ (۶۹)  

(پارو:14، سوره نحل:68-69)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ تنهنجي رب  ماکيءَ جي مک جي دل ۾ اها ڳالهه وڌي ته جبلن ۾، وڻن ۾ ۽ ڇِتِيُن ۾ گهر ٺاهه. پوءِ هر قسم جي ميون مان کاءُ ۽ پنهنجي رب جي (بڻايل) نرم ۽ آسان رستن تي هل. ان جي پيٽ مان پيئڻ جي هڪ رنگ برنگي شيءِ نڪرندي آهي جنهن ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي، بيشڪ ان ۾ غور ڪرڻ وارن لاءِ نشاني آهي.