Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ  ۾ آهي:  اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])

اي عاشقانِ رسول!  سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس  ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

ماکيءَ سان شفا ملي وئي

بخاري شريف ۾ روايت آهي، هڪ ڀيرو هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاہهِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجي ڀاءُ جو پيٽ هلي رهيو آهي (يعني ان کي loose motion اچي رهيا آهن). 

   (ڪيڏو نه عجيب معاملو آهي، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم  جو مزاج ڏسو ڪيڏو نه نرالو هو * بيمار ٿي پيا ته ڊاڪٽر (Doctor)  ڏانهن وڃڻ گهرجي، پر صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم  بارگاہِه رسالت ۾ حاضر ٿيندا هئا * اکيون اُٿي پيون، بارگاہِه رسالت ۾ حاضر ٿيا * ٻانهن ڪٽجي وئي، بارگاہِه رسالت ۾ حاضر ٿيا       * پيٽ ۾ سور آهي، بارگاہِه رسالت ۾ حاضر ٿيا، مطلب ته ڪو به مسئلو پيش اچي ويندو هو، صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم  بارگاہِه رسالت ۾ حاضر ٿي مسئلو پيش ڪندا هئا. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن ئي اصحابن جي ادائن جي عڪاسي ڪندي چون ٿا:) 

اپنے دِل کا ہے اُنہیں سے آرام، سونپے ہیں اپنے اُنہیں کو سب کام


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔