Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

لَو لگی ہے کہ اب اس دَرْ کے غُلام، چارۂ دَرْدِ رضا کرتےہیں

وضاحت: پنهنجي دل کي آرام فقط درِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ئي ملندو آهي، اسان پنهنجا سڀ ڪم محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، بس اها ئي لوري لڳل آهي ته هن پاڪ در جا غلام رضا جي دردن کي دور ڪري ڇڏيندا. 

خير! اسان حديث شريف ٻڌي رهيا هئاسين، صحابيءِ رسول بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيا، پنهنجي ڀاءُ جي بيماريءَ جي باري ۾ عرض ڪيائون. محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ان کي ماکي پِيار! صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ واپس موٽي ويا، ڀاءُ کي ماکي پياريائون، هاڻي مسئلو حل ٿيڻ بدران اڃان ويتر بگڙي ويو، يعني پهريان کان وڌيڪ دست يعني (loose motion)                                              اچڻ شروع ٿي ويا. ٻيهر بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻيهر فرمايو: ان کي ماکي پيار! موٽي ويا، ٻيهر ماکي پياريائون، مسئلو اڃان به وڌي ويو. ٽيون ڀيرو حاضر ٿيا، عرض پيش ڪيائون، وري به اهو ئي ارشاد ٿيو: ان کي ماکي پيار ...!! موٽي ويا ۽ ماکي پياريائون مسئلو اڃا به وڌيڪ خراب ٿي ويو. چوٿون دفعو حاضر ٿيا، درخواست پيش ڪيائون، فرمايو ويو: اللہ پاڪ سچو آهي، تنهنجي ڀاءُ جو پيٽ ڪُوڙو آهي (يعني اللہ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي ته ماکي ۾ شِفا آهي، قصور اسان جي دوا جو نه آهي، تنهنجي ڀاءُ جو پيٽ بيمار آهي)، هن ڀيري وري وڃ! ۽ ان کي ماکي پيار! هن ڀيري اهي صحابي واپس موٽي ويا، ماکي پياريائون ته سندن ڀاءُ کي آرام اچي ويو.([1])

یہ لا دَوا ہے مرض ہمارا، طبیب کیوں کر کریں گے چارہ

عِلاج میرا کریں گے آقا، طبیب بھی ہیں، حکیم بھی ہیں


 

 



[1]...بخاری، کتاب الطب، باب الدواء بالعسل، صفحہ:1441، حدیث:5684۔