Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

قرآن ٽيچر موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: قرآن ٽيچر (Quran Teacher)    * هن ايپلي ڪيشن ذريعي درسِ نظامي، فيضانِ نماز ڪورس ۽ زڪوات ڪورس جهڙن بيشمار آن لائن ڪورسز لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي * اسٽوڊنٽ پورٽل (Student Portal)  ۾ پنهنجي آن لائن ڪلاس جي سرگرمين جي باري ۾ باخبر رهي سگهجي ٿو *        دعوتِ اسلامي جي هن پليٽ فارم تي تقريباً 50 کان وڌيڪ اسلامي ڪورسز ڪرايا ويندا آهن* هيءَ ايپلي ڪيشن آن لائن ٿيڻ وارن ڪورسن بابت به معلومات (Information)  فراهم ڪري ٿي. توهان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪنهن به ڪورس جو انتخاب ڪري سگهو ٿا ۽ بغير ڪنهن مشڪل جي آن لائن قرآن سکڻ جي لاءِ داخلا وٺي سگهو ٿا. هن ايپلي ڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪري پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

ڪجهه ضروري اعلانات

* پيارا اسلامي ڀائرو! هر ڇنڇر تي اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن. ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي رات جو لڳ ڀڳ 9:15 تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت مولانا الياس عطار قادري       دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول انهيءَ مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو. *     شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن. ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري