Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
هميشه مٺو ئي هوندو آهي. الله پاڪ اسان کي به اهڙو مسلمان بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
(2): پاڪ کائو، فساد کان بچو
هڪ ٻي پياري حديث شريف ٻڌو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّ مَثَلُ الْمُؤْمِنِ كَمَثَلِ النَّحْلَةِ يعني مسلمان جو مثال ماکيءَ جي مک جيان آهي. (ٻنهي ۾ ڪهڙي مشابهت آهي؟ فرمايائون:) اَكَلَتْ طَيِّبًا، ووَضَعَتْ طَيِّبًا ماکيءَ جي مک رڳو پاڪ کائيندي آهي ۽ جيڪو ڪڍندي آهي (يعني ماکي)، اهو به پاڪ ئي هوندو آهي. وَوَقَعَتْ فَلَمْ تكْسُرْ ولَمْ تَفْسُدْ ۽ جنهن شاخ تي پنهنجو مانارو ٺاهيندي آهي، ان کي نه ٽوڙيندي آهي، نه اتي فساد پکيڙيندي آهي.
مؤمن ٻانهي جو به اهو ئي شان آهي ته صرف ۽ صرف حلال ۽ طيب ئي کائيندو آهي. ان جي نتيجي ۾ کيس جيڪا طاقت ملندي آهي، ان جو اخلاق ۽ ڪردار، جيڪو مسلمان مان ظاهر ٿيندو آهي، اهو به پاڪ ۽ طيب هوندو آهي ۽ مؤمن ٻانهو جنهن به جاءِ تي هوندو آهي، اتي برڪتون ئي پکيڙيندو آهي، فساد جو سبب نه بڻجندو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي مؤمن ٻانهي جو شان؛ ڇا ...؟ مؤمن رڳو حلال ۽ طيب کائيندو آهي، حرام کان هميشه پري رهندو آهي. سندس اخلاق، ڪردار ۽ انداز به پاڪ ۽ طيب ئي هوندا آهن. ۽ پوءِ جتي پهچندو آهي، اُتي برڪتون ئي برڪتون ڦهلائيندو آهي. الله پاڪ اسان کي به اهڙو شاندار مؤمن بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .