Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

اچو ته! بارگاهِه رسالت ۾ عرض پيش ڪيون ٿا:

شَہَا بِیْکَسْ نَوَازِیْ کُنْ طَبِیْبَا چَارَہْ سَازِی کُنْ

مَرِیْضِ دَرْدِ عِصْیَانَمْ اَغِثْنِیْ یَارَسُوْلَ اللہ!

وضاحت: اي شهنشاهِه مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون بيڪس کي نوازي ڇڏيو! اوهان طبيب آهيو، ڪجهه علاج فرمايو! مان گناهن جو مريض آهيان يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجي مدد فرمايو ...!!

اے رَبّ کے حبیب آؤ...!! اے میرے طبیب آؤ!

اچھا یہ گُنَاہوں کا بیمار نہیں ہوتا

هڪ اهم وضاحت

پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ڳالهه پڪي پڪي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته حديثن ۾ يا طب وغيره جي ڪتابن ۾ جيڪي دوائون ۽ علاج لکيل هوندا آهن، اهو ضروري نه آهي ته اهي هر ڪنهن جي لاءِ موافق هجن. طبيعتون مختلف هونديون آهن، مرض جي صحيح تشخيص هر ڪو ڪري سگهي، اهو به ضروري ناهي. تنهنڪري ڪو به علاج پنهنجي مستند ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ جي بغير هرگز شروع نه ڪرڻ گهرجي نه ته نقصان به ٿي سگهي ٿو. 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد      

ڪم جيڪو انهن کان ٿيو مڪمل  ٿيو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حديث پاڪ ٻڌي، صحابيءِ رسول ٽي ڀيرا پنهنجي ڀاءُ کي ماکي پياري، پر مرض گهٽجڻ بدران وڌندو ئي ويو، آخري ڀيرو ماکي پياري ته مرض ٺيڪ ٿي ويو. ان جي شرح ۾ عُلماءِ ڪرام لکن ٿا: هي انوکو علاج هو ڇاڪاڻ ته طب جي دنيا ۾ ماکي کي دست آور سڏيو ويو