Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
ماکيءَ جي مَکِ نه رهي ته پوءِ ....!!
20 مئي تي بين الاقوامي سطح تي ماکيءَ جي مکين جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ماکيءَ جي مک عام جام نظر ايندي آهي، سڀني ڏٺي هوندي، ماکي به کاڌي هوندي. اها به اللہ پاڪ جي وڏي نعمت آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن دنيا مان ماکيءَ جون مکيون ختم ٿي وڃن ته تقريباً 4 سالن جي عرصي ۾ انساني نسل ختم ٿي سگهي ٿو. يعني اسان جون زندگيون ايتري شدت سان ماکيءَ جي مک سان جڙيل آهن جو جيڪڏهن ماکيءَ جي مک ختم ٿي وڃي ته انساني نسل به خاتمي ڏانهن وڌڻ شروع ٿي وڃي.
ان جو سبب ڇا آهي ...؟ ٻوٽن ۾ پولينيشن (Pollination) ٿيندي آهي. يعني مکيون يا ڀونڀيريون جڏهن هڪ ٻوٽي تي ويهنديون آهن ته انهن جي پيرن سان ڪجهه خاص قسم جا ذرڙا لڳي ويندا آهن، پوءِ جڏهن اهي اڏامي وڃي ٻين ٻوٽن تي ويهنديون آهن ته اهي ذرڙا اتي منتقل ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ٻوٽن جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي، انهن جو نسل وڌندو آهي. خوراڪ جي عالمي اداري مطابق دنيا جي 80 سيڪڙو پيداوار جو ذريعو ماکيءَ جون مکيون ۽ ڀونڀيريون بڻجنديون آهن. جيڪڏهن ماکيءَ جون مکيون ۽ ڀونڀيريون نه هجن ته مختلف سبزين، تيلي ٻجن، بادام، اخروٽ، ٽماٽي ۽ صوف وغيره جي پيداوار کي سخت نقصان پهچندو. ائين انساني صحت جي لاءِ ضروري خوراڪ مهيا نه ٿي سگهندي.
افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته موسمياتي تبديلي(Climate Change ) ٿي رهي آهي يعني دنيا ۾ وڏيون وڏيون موسمياتي تبديليون اچي رهيون آهن، سبزين، ميون ۽ ٻوٽن تي زهريليون دوائون ڇٽجي رهيون آهن، جنگل ڪٽجي رهيا آهن، جنهن ڪري ماکيءَ جي مکين جو نسل گهٽجندو پيو وڃي. اسان جيڪڏهن 10 کان 15 سال پهريان جي ڳالهه ڪيون ته ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن گهٽي يا محلي ۾ ڪنهن وڻ تي ماکيءَ جا مانارا لڳل نظر ايندا هئا، هاڻي نظر