Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي اطاعت جو انعام ...!! ماکيءَ جي مک گل جو رس چوسيو، پنهنجو لعاب ان ۾ شامل ڪيو، ان مان جيڪو نتيجو نڪتو، ان کي ماکي چيو ويندو آهي، ان ۾ ماڻهن جي لاءِ شِفا رکي وئي آهي.
* اللہ پاڪ جي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ٻن شفائن کي لازمي پڪڙيو، هڪ ماکي، ٻيو قرآن ڪريم[1] * مڪي مدني، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو شخص هر مهيني ٽي ڏينهن صبح جي وقت ماکي چَٽِيندو، ان کي ڪا به وڏي مصيبت نه پهچندي.
مختلف طبي تحقيقات جي مطابق ماکي ۾ آئرن (Iron)، وٽامنز (Vitamins) ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ (Antioxidant) موجود هوندا آهن. انهن ئي خاصيتن جي ڪري ماکي کي سپر فوڊ (Super Food) سڏيو ويندو آهي * ماکي آواز کي صاف ڪندي آهي، نظر کي تيز ڪندي آهي ۽ بک کي وڌائيندي آهي * زخم ٺيڪ ڪندي آهي ۽ تازو گوشت پيدا ڪندي آهي * جسم جو رنگ نکاريندي آهي * عقل وڌائيندي آهي * کنگهه ۽ جريان کي ختم ڪندي آهي * چرٻي کي گهٽائيندي آهي * ماکي جي استعمال سان ڪوليسٽرول ليول ۾ بهتري ايندي آهي * هاءِ بلڊ پريشر ۾ بهتري ايندي آهي * مٿي جي خشڪي جو خاتمو ڪندي آهي * وزن ۾ گهٽتائي آڻيندي آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري سان ماکي جو استعمال ڪيو! ان مان فائدو حاصل ڪيو! ان سان گڏوگڏ جڏهن به ماکي زبان تي لڳايو، ان جي مٺاڻ کي محسوس ڪيو، ماکي وات ۾ وجهڻ سان ئي لذت