Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
آهي. (يعني هن جي ڪري دست motion ٿي پوندا آهن) پر اها محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برڪت هئي جو ماکيءَ جي ذريعي ئي ان جو علاج فرمايائون. مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه چيو آهي:
کام جو اُن سے ہُوا پُورا ہوا اُن کی جو تَدْبِیر ہے، تقدیر ہے
وضاحت: يعني محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو به ڪم ڪندا آهن، مڪمل ئي ڪندا آهن، اوهان جي تجويز، ترڪيب ۽ ڪم جو مبارڪ انداز تقدير جي عين مطابق هوندو آهي، بلڪه حقيقت اها آهي ته جيڪو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائيندا آهن، اهو ئي تقدير بڻجي ويندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! ان صحابيءِ رسول رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي ايمان تان به قربان وڃجي! اسان هڪ ڀيرو ڊاڪٽر وٽ ويندا آهيون، آرام نه اچي ته ٻيهر ويندا آهيون، ڊاڪٽر دوا بدلائيندو آهي، ڪجهه آسرو ٿيندو آهي ته هن دوا (Medicine) سان آرام اچي ويندو، ان مان به آرام نه اچي ته اسان ڊاڪٽر ئي بدلائي ڇڏيندا آهيون. هن صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو ايمان ڏسو! دوا (Medicine) سان آرام ته ڇا اچڻو هو، مرض ويتر وڌي ويو، ٻيهر حاضر ٿيا، ساڳي دوا ملي، مرض اڃان به وڌي ويو، ٽيون ڀيرو حاضر ٿيا، دوا ساڳي ئي ملي، بار بار چڪر لڳي رهيا آهن، نه دوا بدلجي رهي آهي ۽ نه ئي آرام اچي رهيو آهي، تنهن هوندي به دل خراب نه ٿي ٿئي، اعتماد نه ٿو ٽُٽي، لَو لڳل آهي ته بس اُنَ ئي در سان لڳل آهي، 4 ڀيرا ته ڇا، هزار چڪر به لڳائڻا پون، آرام ملڻو آهي ته بس هن ئي در تان ملڻو آهي، ٻئي ڪنهن وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه آهي.
تجھ سے چُھپاؤں مُنہ تو کروں کس کے سامنے
کیا اَور بھی کسی سے تَوَقُّع نظر کی ہے...؟