Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
هنن ٻن آيتن جو خلاصو هي آهي ته الله پاڪ ماکيءَ جي مک جي دل ۾ اها ڳالهه وڌي ته ڪن جبلن، وڻن ۽ ڇتين ۾ گهر ٺاهي، پوءِ مِٺَن، ڪَڙَن، ڦِڪَن هر قسم جي ميون ۽ گلن مان کائي ۽ انهن جي تلاش ۾ پنهنجي رب جي بڻايل آسان ۽ نرم رستن تي هلندي رهي، هن جي پيٽ مان پيئڻ واري هڪ شيءِ يعني ماکي (سفيد، زرد ۽ ڳاڙهي) رنگ جي نڪرندي آهي، جنهن ۾ ماڻهن لاءِ شِفا آهي. بيشڪ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون موجود آهن. [1]
سُبْحٰنَ اللہ! اللہ پاڪ جي قدرت به ڪيڏي نه عجيب ۽ نرالي آهي، هڪ معمولي مک ۾ ڪيڏيون نه مهارتون ۽ ڪمالات رکيا آهن.
علّامه دَميري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: ماکيءَ جون مکيون انتھائي هوشيار، عقلمند ۽ بهادر هونديون آهن * انهن کي سال جي سڀني موسمن جي چڱيءَ ريت سڃاڻپ هوندي آهي * مِينهَن جي وقت جو اڳواٽ ئي اندازو لڳائي وٺنديون آهن * اهي تمام ماهر معمار (يعني انجنيئر) هونديون آهن * اهي پنهنجو مانارو پاڻ ٺاهينديون آهن * اهو مانارو هزارن خانن تي مشتمل هوندو آهي، هر خانو 6 ڪنڊن وارو رکيو ويندو آهي * رياضيءَ جي ماهرن