Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اها آهي اطاعت جي برڪت ...!! ياد رکو! اطاعت تي هميشه انعام ئي ملندو آهي ۽ نافرماني فقط ۽ فقط سزا جو حقدار ئي بڻائيندي آهي. تنهنڪري اطاعت ڪرڻ جي عادت اختيار ڪريو! * اللہ ۽ رسول نماز جو حڪم ڏنو، اسان کي نماز پڙهڻي ئي پڙهڻي آهي، هڪ به نماز ڇڏڻي نه آهي * اللہ ۽ رسول رمضان شريف جا روزا رکڻ جو حڪم ڏنو آهي * حج فرض ٿئي ته حج جو حڪم ڏنو * زڪوٰة جون شرطون پوريون هجن ته زڪوٰة جو حڪم ڏنو * ماءُ پيءُ جي خدمت * پاڙيسرين سان نيڪ سلوڪ * رشتيدارن سان ڀلائي جو حڪم ڏنو * براين ۽ بيحيائين کان بچڻ جو حڪم ڏنو، مطلب ته جيترا به اللہ ۽ رسول جا احڪام اسان جي طرف متوجهه ٿيندا آهن، اسان کي انهن سڀني تي عمل ڪرڻو آهي. ڪنهن هڪ به حڪمِ پاڪ جي نافرماني نه ڪرڻي آهي. اهڙي عادت اختيار ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  ٻيڙا پار ٿي ويندا. اللہ پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم . 

پيارا اسلامي ڀائرو! ماکيءَ جي مک جيڪا اسان جي لاءِ وڏي نعمت  آهي، ان سان گڏوگڏ اسان کي ان مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ به ملي ٿو. 2 پياريون پياريون حديثون ٻڌو! 

(1):  ڪَوڙا لهجا، مِٺا جواب

محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَثَلُ ‌بِلَالٍ كَمَثَلِ نَحْلَةٍ غَدَتْ تَاْكُلُ مِنَ الْحُلْوِ وَالْمُرِّ، ثُمَّ هُوَ حُلْوٌ كُلُّهُ يعني بلال جو مثال ماکيءَ جي مک جهڙو آهي. (مشهور صحابيءِ رسول حضرت بلال حبشي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي ڳالهه آهي ته انهن جو مثال ماکيءَ جي مک جهڙو آهي). ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪهڙي مشابهت آهي؟ فرمايائون: ماکيءَ جي مک مٺن گلن جو رس به چوسيندي آهي ۽ ڪَوڙن