Shehad ki Makhi Ko Nasihat

Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat

فرمايو: فلاڻي انصاري صحابي جي گهر وڃ! ان کي وڃي چئه ته : رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو آهي ته پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح مون سان ڪري ڇڏ ...!! 

 حضرت جلبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جا معاشي حالات گهڻو مضبوط نه هئا، خير! حڪمِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌي انصاري صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ   جي گهر پهچي ويا، انهن کي فرمانِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌايائون. 

جيئن ته ڇوڪريءَ جو نڪاح ڪرڻ هڪ نازڪ مرحلو هوندو آهي، ظاهر آهي ماءُ پيءُ جنهن ڌيءُ کي پالي وڏو ڪيو آهي، ان جي زندگيءَ جو ايڏو اهم فيصلو ڪرڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه سوچيندا آهن. تنهنڪري انصاري صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجي زال سان ڳالهه ڪئي، ٻنهي زال مڙس جو اڃان مشورو هلي ئي رهيو هو ته انهن جي هونهار ڌيءُ عرض ڪيو: اِدْفَعُونِيْ، فَاِنَّهُ لَمْ يُضَيِّعْنِيۡ  يعني (جيڪڏهن محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن رشتي کي پسند فرمايو آهي ته هاڻي سوچڻ جي ضرورت نه آهي) توهان منهنجو نڪاح حضرت جلبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  سان ڪري ڇڏيو! ڇاڪاڻ ته (منهنجو اهو عقيدو آهي ته) سلطان الانبياء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي هڪ امتيه کي هرگز برباد ٿيڻ نه ڏيندا.

جين ته اهو نڪاح خير ۽ عافيت سان ٿي ويو. جڏهن رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ان هونهار ۽ اطاعت گذار صحابيه رَضِیَ اللهُ عَنْہا جون ڳالهيون معلوم ٿيون ته پاڻ دعا ڪيائون: اَللّٰهُمَّ صُبَّ عَلَيْهَا الْخَيْرَ صَبًّا، وَلَا تَجْعَلْ عَيْشَهَا كَدًّا كَدًّا   اي اللہ پاڪ! هن عورت تي ڀلاين جا دروازا کولي ڇڏ، هن جي زندگيءَ کي پريشانين ۽ مشقتن کان دور فرماءِ.  

  حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: (بس حڪمِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل جي ئي برڪت هئي جو) ان صحابيه رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو گهراڻو مديني جي سڀني کان خوشحال گهراڻن مان ٿي ويو. (مسند احمد)