Book Name:Shehad ki Makhi Ko Nasihat
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: قافلو
پيارا اسلامي ڀائرو! باڪردار ۽ بااخلاق مسلمان بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم قافلو به آهي.
بيشڪ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ، ان راهه ۾ مشقت برداشت ڪرڻ نبين جي سنت آهي. * دين جو ڪم مشڪلاتون برداشت ڪرڻ ۽ قربانيون ڏيڻ سان ئي ٿيندو آهي * انبياءِ ڪرام، صحابهءِ ڪرام، نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ پنهنجن گهرن مان نڪرندا هئا * دور دراز علائقن ۾ ويندا هئا * هجرت ڪندا هئا ۽ تڪليفون برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا * اڳين جي قربانين جي ڪري ئي اسان تائين دين پهتو آهي.
*- عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي به انهيءَ راهه تي آهي. * سموري دنيا جي اندر دين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ لکين عاشقانِ رسول قافلن جي صورت ۾ ملڪ ملڪ، شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ويندا آهن ۽ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪندا آهن * قافلن جي برڪت سان ڪيترائي غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي چڪا آهن * لکين ماڻهن جي زندگين ۾ نيڪين جي بهار آئي آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهينو ۽ 12 مهينن جا قافلا سفر ڪندا رهندا آهن.
* توهان به قافلي ۾ سفر ڪندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪيتريون ئي برڪتون نصيب ٿينديون * قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي * سنتون سيکاريون وينديون آهن * تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿيڻ * مشڪلاتون دور ٿيڻ * ۽ بيمارين مان شفاياب ٿيڻ جا به سوين