Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

برڪتون نصيب ٿي وڃن...!!

سُوکھے دھانوں پہ ہمارے بھی کرم ہو جائے                 چھائے رحمت کی گھٹا بن کے تمہارے گیسو

ہم سیہ کاروں پہ یا ربّ! تپشِ محشر میں                           سایہ اَفگن ہوں ترے پیارے کے پیارے گیسو([1])

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اسان جي خشڪ زمين تي ڪرم فرمايو! اوهان جا مبارڪ وارَ رحمت جا ڪڪرَ  بڻجي ڪري ڇانوَ ڪن ته اسان جا اعمال، اخلاق، ڪردار وغيره جي  سُڪل زمين سرسبز ٿي وڃي. اي الله پاڪ! قيامت جي ڏينهن جڏهن سج سوا ميل تي رهي ڪري باھ وَسائي، ٽامي جي زمين ٽهڪندي هجي، ان وقت پنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وارن مبارڪ جي اسان کي ڇانوَ نصيب فرماءِ.

موءِ مبارڪ (مقدس وارن ) جو  قرآنِ پاڪ ۾ ذڪر

سيپارو 30، سورة والضُّحٰي، آيت: 1 ۽ 2 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ الضُّحٰی ۙ(۱)  وَ الَّیۡلِ  اِذَا سَجٰی ۙ(۲) (سيپارو: 30 سورة ضحٰي: آيت 1_ 2)

ترجموڪنزالعرفان: چڙهندڙ ڏينهن جي وقت جو قسم ۽ رات جو جيڪا ڍڪي ڇڏي.

   جڏهن سج اڀري ڪري ڪجھ مٿي ٿي وڃي، هي چاشت جو وقت آهي، هي اهو ئي وقت آهي جڏهن الله پاڪ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام کي هم ڪلاميءَ جو شرف عطا فرمايو هو، هن ئي وقت فرعون جا گهرايل جادوگر حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جو ڪلمو پڙهي ڪري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سجدو ڪيو هو، ڪجھ مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: هنن آيتن ۾ چاشت مان مراد نورِ جمالِ مصطفٰي
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرف اشارو آهي ۽ رات مان پياري آقا، مديني واري مصطفٰي


 

 



[1] ... حدائق بخشش،صفحہ:119  -120 ملتقطاً۔