Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

شروع ڪئي. اهو سمجهي ويو ته مان مسلمان ناهيان، ان مسڪرائيندي وڏي پياري انداز ۾ مونکي چيو، مان اوهان کي اسلام قبول ڪرڻ جي درخواست ڪريان ٿو، مان رسالو احترامِ مسلم پڙهي ڪري پهريان ئي دلي طور تي اسلام جو شيدائي ٿي چڪو هيس، انهن جي محبت ڀري انداز دل تي وڌيڪ اثر ڪيو ۽ الحمد لله مان ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويس([1])

اسی ماحول نے ادنیٰ کو اعلیٰ کردیا دیکھو                         اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کردیا دیکھو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دارُالافتا اهلِ سنّت ايپليڪيشن

   دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: (Dar-ul-Ifta Ahlesunnat) (دارُ الافتاء اهلِ سنّت). هي ايپليڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز سان بآسانيءَ  ڊاؤن لوڊ ڪري سگهجي ٿي، هن موبائل ايپليڪيشن ۾ * مختلف موضوعات تي پڇيل سوالن جا جواب آڊيو، وڊيو ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن * احڪامِ تجارت * فرض علوم ڪورس * ۽ تجارت ڪورس به هن ايپليڪيشن ۾ شامل آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن


 

 



[1] ...غافل درزی، صفحہ:25۔