Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

 موءِ مبارڪ (مقدس وارن) جو ديوانو

    بَلۡخ جو هڪ تاجر هو، جيڪو نهايت ئي دولت مند هو، دنياوي مال ۽ دولت سان گڏوگڏ ان وٽ هڪ انمول دولت يعني سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا 3 مقدس وار  به هئا، ان تاجر (Businessman) جا (2) پٽ به هئا، جڏهن تاجر جو انتقال ٿيو ته ٻنهي پٽن سڄو مال پاڻ ۾ برابر برابر ورهائي ڇڏيو پر هڪ مشڪل هئي، اها هيءَ ته وارَ مبارڪ 3 هئا، بهرحال وڏي ڇوڪري ننڍي کي چيو: هڪ وار مبارڪ تون رک، هڪ مان ٿو رکان ۽ ٽئين وار مبارڪ جا ٻه حصا ڪري وٺون ٿا، ايئن وارَ مبارڪ به برابر ورهائجي ويندا.

   تاجر جو ننڍو پٽ عاشقِ رسول هو، تڙپي ڪري چيائين: مان هرگز پسند نه ٿو ڪريان ته منهنجي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقدس وار  جا 2 ٽڪرا ڪيا وڃن. وڏو ڇوڪرو جيڪو دنياوي مال جو لالچي هو، چيائين: جيڪڏهن توکي وار مبارڪ سان ايتري محبت آهي ته هيئن ڪر پنهنجي حصي جي سڄي دولت مونکي ڏئي ڇڏ ۽ ٽئي وارَ مبارڪ پاڻ وٽ رکي ڇڏ!

 هڪ سچي عاشقِ رسول کي ٻيو گهرجي ئي ڇا....!!

تختِ سکندری پر وہ تُھوکتے نہیں ہیں                      بستر لگا ہے جن کا سرکار کی گلی میں

ننڍي پٽ پيشڪش جلدئي قبول ڪري ورتي ۽ پنهنجو سڄو مال ڏئي ڪري پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وارَ مبارڪ ورتائين.

   هاڻي ننڍو پٽ وارن مبارڪ سان گڏ الڳ رهڻ لڳو، ان وٽ جيتوڻيڪ