Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

   هڪ ڀيري سيد حميد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن ضرورت سبب دِهلي تشريف کڻي آيا. اتي پاڻ 5 سالن تائين مغل سرائي ۾ قيام فرما رهيا. انهي دوران ڪشمير جي علائقي راشير جا رهاڪو مشهور واپاري حضرت خواجه نُورُ الدّين نيشاپوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تجارت جي غرض سان دِهلي پهتا، اتفاق سان انهن جي ملاقات سيد حميد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان ٿي وئي، آهسته آهسته انهن ٻنهي حضرات جا پاڻ ۾ تمام ويجها تعلقات به ٿي ويا، جڏهن خواجه نورُ الدّين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دهلي کان ڪشمير واپس وڃڻ لڳا ته پاڻ سيد حميد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ان وقت انهن جي حويلي پاڪ تي معراج شريف جي محفل سجيل هئي ۽ محفل ۾ وار مبارڪ ۽ ٻين تبرڪات جي زيارت به ڪَرائي وئي پئي. حضرت خواجه نورُ الدّين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به تبرڪات جي زيارت سان مشرف ٿيا، جڏهن انهن وار مبارڪ جي زيارت ڪئي ته وار مبارڪ جي محبت انهن جي دل ۾ گهر ڪري وئي، بيقرار ٿي انهيءَ وقت سيد حميد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي گذارش ڪيائين ته مهرباني ڪري وار مبارڪ مونکي عنايت فرمائي ڇڏيو! سيد حميد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: اوهان جو پيشو واپار آهي، اوهان واپار جي ڪمن ۾ مصروف رهندؤ، وار مبارڪ جي پوري طرح تعظيم نه ٿي سگهندي.

   هوڏانهن خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي وار مبارڪ جي محبت جو اهڙو غلبو هو جو انهن کي گهڙي کن به سڪون نه آيو، دل مان دانهون نڪري رهيون هيون ۽ اکين مان ڳوڙها جاري ها.

   انهيءَ رات سيد حميد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي خواب ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي. غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پٽ حميد! نورُ الدين کي مايوس نه ڪيو! ان جي مراد پوري ڪري ڇڏيو...!!

   سيد حميد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اک کلي ته پاڻ فوراً خواجه نور الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي گهرايو ۽ وڏي ادب ۽ احترام سان وار مبارڪ انهن کي عطا فرمائي ڇڏيا.