Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

قربِ وصال جي طرف اشارو به فرمائي ڇڏيو.([1])

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان اسان کي 2 مدني گلَ سکڻ جي لاءِ ملن ٿا: (1): پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي عطا سان غيب جون خبرون ڄاڻين ٿا ۽ پنهنجي وصال شريف جو وقت به ڄاڻيندا هئا، ان ڪري ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آخري حج ۾ امّت تي خاص عنايتون فرمايون ۽ پنهنجون يادگيريون به عطا فرمائي ڇڏيون.

ڇا  وصال جو وقت معلوم ٿي سگهي ٿو؟

قرآنِ پاڪ ۾ جيڪو ارشاد ٿيو:

وَ مَا تَدۡرِیۡ نَفۡسٌۢ بِاَیِّ  اَرۡضٍ تَمُوۡتُ ؕ        (سيپارو: 21، سورة لقمان: آيت 34)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪو شخص نه ٿو ڄاڻي ته اهو ڪهڙي زمين ۾ مرندو.

   ان جي معنٰي هي آهي ته الله پاڪ جي ٻڌائڻ جي بغير ڪو به خود پنهنجي موت جو وقت ۽ جاءِ نه ٿو ڄاڻي سگهي، ها! الله پاڪ جنهن کي چاهي ان ڳالھ جو علم عطا فرمائي ڇڏي ته يقيناً هو قادرِ مطلق آهي، پنهنجي محبوب ٻانهن کي جيترو چاهي غيب تي مطلع فرمائي ڇڏيندو آهي.

جيئن ته قرآنِ پاڪ ۾ ئي ارشاد ٿيو:

عٰلِمُ الۡغَیۡبِ فَلَا یُظۡہِرُ عَلٰی غَیۡبِہٖۤ اَحَدًا (ۙ۲۶)  اِلَّا مَنِ ارۡتَضٰی مِنۡ رَّسُوۡلٍ  (سيپارو: 29، سورة جن: آيت 26_27)

ترجمو ڪنزالعرفان: غيب جو ڄاڻڻ وارو پنهنجي غيب تي ڪنهن کي مطلع ناهي ڪندو سواءِ پنهنجي پسنديده رسولن جي.


 

 



[1] ... شرح زرقانی علی المواہب ،النوع السادس فی ذکر حجہ و عمرہ ،جلد:11، صفحہ:437۔