Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

موءِ مبارڪ (وارَ مبارڪ) تقسيم فرمايا

حجةُ الوِداع جو موقعو هو، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منٰي ۾ تشريف کڻي آيا، جَمۡرَةُ الۡعَقَبه کي پٿريون هنيون پوءِ قرباني ڪري پنهنجي مڪان مبارڪ ۾ تشريف کڻي آيا، پوءِ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حجم کي گهرايو ۽ پنهنجي مٿي مبارڪ جي ساڄي پاسي کان وار مبارڪ لھرايا ۽ حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه کي عطا فرمائي ڇڏيا ۽ پوءِ دل واري پاسي کان وارَ مبارڪ لھرايا ۽ اهي به حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه کي عطا ڪري  فرمايائون: هنن تمام وارن کي ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيو!([1])

آخرِ حج غمِ اُمّت میں پریشاں ہو کر                               تِیرہ بختوں کی شفاعت کو سِدھارے گیسو([2])

وضاحت: حُجَّةُ الوِداع جي موقعي تي سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وار لھرايا ۽ وارَ مبارڪ ورهايائون، ان تي اعلٰي حضرت فرمائي رهيا آهن: اصل ۾ ان وقت وارَ مبارڪ امت جي غم ۾ پريشان ٿيا ۽ گناھگار امّتين جي شفاعت جي لاءِ جسمِ اقدس کان جدا ٿي ڪري امّتين وٽ پهتا (ته جيئن قيامت تائين انهن جي زيارت جو شرف امّت کي ملندو رهي ۽ شفاعت جو سامان ٿيندو رهي).

موءِ مبارڪ (وارَ مبارڪ) ڇو ورهايا...؟

   علّامه زُرقاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجا وارَ مبارڪ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ۾ ان ڪري ورهايا ته جيئن هُو انهن ۾ برڪت ۽ يادگار طور رهن ۽ انهيءَ مان ڄڻ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1] ... مسلم ،کتاب الحج،باب بیان ان السنۃ یوم النحر،صفحہ:485 ،حدیث :1305۔

[2] ... حدائق بخشش،صفحہ:119۔