Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

شهنشاھِ مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن پاڻ کي دعا ڏيندي فرمايو: الله پاڪ توکان هر ناپسند ڳالھ کي دور ڪري ڇڏي.([1])

صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ايمان جو معيار آهن

   اي عاشقانِ موءِ مبارڪ! غور ڪريو، هي اهي ئي صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم آهن جن کي قرآنِ مجيد  ايمان جو معيار قرار ڏنو آهي. ارشاد ٿئي ٿو:

فَاِنۡ اٰمَنُوۡا بِمِثۡلِ مَاۤ  اٰمَنۡتُمۡ  بِہٖ فَقَدِ اہۡتَدَوۡا ۚ      (سيپارو: 1، سورة بقرة: 137)

ترجموڪنزالعرفان:پوءِ جيڪڏهن اهي به ايئن ئي ايمان آڻن جيئن اوهان ايمان آندو آهي پوءِ ته اهي هدايت ماڻي ويا.

  معلوم ٿيو: صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي ايماني ڪيفيتون  اسان جي لاءِ رهنما آهن، جهڙو ايمان صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو هو، اسان به اهڙو ايمان آڻينداسين، تڏهن ئي هدايت ملندي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عشق دليل جو محتاج ناهي، شريعت جو پابند آهي

  هاڻي ٿورو حضرت ابو ايوب انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه جو عمل مبارڪ ڏسو! پاڻ وار مبارڪ کي زمين جي طرف ويندي ڏٺو، فوراً وڌي ڪري هٿن تي کڻي ورتو، هي ان ڳالھ جي دليل آهي ته عشق دليل جو محتاج ناهي، ها! شريعت جي حدود جو پابند ضرور آهي. ڏسو! موءِ مقدَّس (يعني مبارڪ وار) کي زمين تي ڪِرڻ کان بچائڻ ڪنهن آيت يا حديث جو حڪم ناهي، حضرت ابو ايوب انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون هي عمل ڪيو، جانِ ڪائنات، فخرِ


 

 



[1] ... معجم کبیر،جلد:3، صفحہ:62،  حدیث: 3942۔