Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان منع نه فرمايو بلڪه دعاءِ خير سان نوازيو. ٻئي پاسي صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جڏهن محبت ۾ جان جي ڪعبي ۽ ايمان جي ڪعبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حضور سجدي جي اجازت گهري ته ان کان منع فرمائي ڇڏيائون.([1])

   معلوم ٿيو: هر اهو عمل جيڪو عشقِ رسول جي ترجماني ڪري ۽ شريعت جي حدود کان ٻاهر به نه هجي، اهو جائز ۽ سُٺو آهي بلڪه محبوبِ ربّ العالمين، سيدِ عرب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا ملڻ جو سبب آهي. لهٰذا ماھِ ميلاد ۾ گهرن کي سجائڻ، جهنڊا لڳائڻ، لائٽنگ ڪرڻ، ميلاد ملهائڻ، لنگر پچائڻ، غريبن کي کارائڻ، محفلون سجائڻ، جلوس ۾ وڃڻ به بلڪل جائز آهي جو عاشقانِ رسول ميلاد شريف جي خوشي ۾ هي سڀ ڪجھ عشقِ رسول جي ئي سبب ڪندا آهن ۽ هي ڳالهيون به شريعت جي خلاف ناهن، لهٰذا انهن کي ناجائز ۽ بدعت ڪيئن ٿو چئي سگهي...؟؟

خاک ہو جائیں عَدُو جَل کر مگر ہم تو رضاؔ                دَم میں جب تک دَم ہے ذِکر اُن کا سُناتے جائیں گے

هر مرض جي انوکي دَوا

   مقامِ حديبيه ۾ رحمتِ عالم، نورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن وار ٺهرائي ڪري تمام وار مبارڪ هڪ وڻ تي لٽڪائي ڇڏيا. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم انهيءَ وڻ جي هيٺان جمع ٿي ويا ۽ محبت ۾ انهن مبارڪ وارن کي هڪٻئي کان وٺڻ لڳا. حضرت ام عمّاره  رَضِىَ اللهُ عَنْه ا فرمائن ٿيون: ان وقت مون به ڪجھ وار مبارڪ حاصل ڪري ورتا. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري وصال کان بعد جڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو ته مان انهن مبارڪ وارن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڪري اهو


 

 



[1] ... شرح الزرقانی علی المواہب ،المقصد الرابع ،باب سجود الجمل و شکواہ الیہ،جلد:6 ،صفحہ :540 ماخوذاً ۔