Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

تبرڪات جي بابت دلائل گهرڻ ڪيئن...؟

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان! وارن مبارڪ جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄ به عاشقن وٽ وارَ مبارڪ موجود آهن، اهي وقفي وقفي سان زيارت به ڪرائيندا رهندا آهن، جڏهن به موقعو ملي، ڪوشش ڪري زيارت سان مُشَرَّف ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن فرض ڪيو ڪجھ دير لائن ۾ بيهي ڪري انتطار به ڪرڻو پوي ته ڪهڙو حرج آهي، يقين مڃيو! وارن مبارڪ جي هڪ جهلڪ نظر اچي وڃي، ان جي لاءِ ماڻهو دنيا ڀَر جي دولت به خرچ ڪري ته گهٽ آهي. ڪجھ نادان اهڙي موقعي تي مختلف قسمن جا سوالات ڪندا آهن، هي نادان پاڻ به محروم رهندا آهن ۽ ٻين جو به ذهن خراب ڪندا آهن. الله پاڪ اسان کي اهڙن نادانن کان محفوظ رکي.

   اعلٰي حضرت، امامِ اهلِ سنّت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: (خلاصو): هي حقيقت آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آثار شريف کان تَبَرُّڪ حضور جي زماني صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي زماني کان وٺي اڄ تائين رائج ۽ معمول آهي ۽ انهن جي محبوب ۽ مستحب هجڻ تي مسلمانن جو اِجماع آهي ۽ اهڙي جڳھ (يعني تبرڪات جي معاملي ۾) يقيني ثبوت جي بلڪل به حاجت ناهي، ان جي تحقيق جي پٺيان لڳڻ ۽ بنا تحقيق جي تبرڪات جي تعظيم کان رڪجي رهڻ، سخت محرومي، بدنصيبي آهي، اَئمهءِ دين صرف حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نالي پاڪ سان ڪنهن شيءِ جو مشهور ٿيڻ ئي ان جي تعظيم جي لاءِ ڪافي سمجهيو آهي.([1]) بهرحال امام قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪا شيءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نالي سان مشهور هجي، ان جي تعظيم ڪرڻ به حضور ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي


 

 



[1] ... فتاویٰ رضویہ،جلد:14،صفحہ:414 -415 ملخصاً۔