Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

تعظيم ۾ داخل آهي.([1])

موءِ مبارڪ (وار مبارڪ) بابت دلچسپ مڪالمو

   شيخ الحديث حضرت علّامه عبد المصطفٰي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري ڪنهن جڳھ تي وار مبارڪ جي زيارت جو جلسو هو، ماڻهو زيارت ڪري رهيا هئا، اوچتو اتي هڪ نوجوان ڪاوڙجي پيو، ماڻهن کي چوڻ لڳو: ڪهڙو ثبوت آهي ته هي وار سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ئي آهي؟ ان تي تمام گهڻي بحث ٿي. آخرڪار پاڙي وارا ان نوجوان کي وٺي مون وٽ  دارالعلوم آيا. ان نوجوان نازيبا الفاظ ۾ مون سان گفتگو شروع ڪئي ۽ مون کان به هيءُ ئي مطالبو ڪيو ته ثابت ڪيو ته فلاڻي جڳھ تي جيڪو موجود وار مبارڪ آهي اهو واقعي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو وار مبارڪ آهي. ان جو ڪهڙو ثبوت (Proof) آهي؟ مون ان کان نرمي ۽ محبت ڀري لهجي ۾ پڇيو: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ چيائين: عبد القادر. پوءِ مون پڇيو: تنهنجي والد جو نالو ڇا آهي؟ چيائين: عبدُ الله.

  مان هڪ منٽ خاموش رهيس. پوءِ مون ان کان پڇيو: ڇا تون عبد الله جو پٽ آهين؟ ان چيو: جي ها! مان وري هڪ منٽ خاموش رهيس، پوءِ وري پڇيو: ڇا تون عبد الله جو ئي پٽ آهين؟ منهنجي هن سوال تي اهو ڪاوڙيو ۽ دانهن ڪري چيائين: ڇا توهان باربار مون کان هيءُ ئي سوال ڪندا رهندؤ؟ ها مان عبد الله جو ئي پٽ آهيان. مان چپ رهيس. جڏهن ان جي ڪاوڙ تمام تيز ٿي وئي ته مون چيو: مان نه ٿو مڃان ته تون عبد الله جو پٽ آهين. تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي جو تون عبد الله جو پٽ آهين؟ جيستائين تون ان جو ثبوت نه پيش ڪندي مان هرگز توکي عبد الله جو پٽ نه ٿو مڃي سگهان. هي ٻڌي ڪري هو


 

 



[1] ... كتاب الشفا بتعریف حقوق المصطفیٰ،باب الثالث،فصل و من اعظامہ و اکبارہ ،جزء:2 ،صفحہ:47۔