Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

جا وار شريف برڪت جي لاءِ پنهنجي گهرن ۾ رکندا هئا. (2): ٻيو فائدو هي ته انهن مبارڪ وارن جو نهايت ئي ادب ۽ احترام (Respect) ڪندا هئا جو ان جي لاءِ خاص ڊٻي بڻائيندا ان ۾ خوشبو لڳائيندا هئا. (3): ٽيون هي ته صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم حضور ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وار شريف کي دافِعِ بلا، باعثِ شِفا سمجهندا هئا جو انهن کي پاڻيءَ ۾ غسل ڏئي ڪري شِفا جي لاءِ پيئندا هئا.([1])

گھماتی اُمِّ سلمیٰ پانی میں مُوئے مبارک کو                      مریضوں کو شفا دیتے میرے سرکار کے گیسو

تبرڪات ۾ شِفا جا دلائل

  قرآنِ ڪريم ۾ آهي، حضرت يوسف عَلَيهِ السَّلَام جي والِدِ محترم، حضرت يعقوب عَلَيهِ السَّلَام جي بينائي مبارڪ ۾ گهٽتائي آئي ته حضرت يوسف عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي ڀائرن کي فرمايو:

اِذْهَبُوْا بِقَمِیْصِیْ هٰذَا (سيپارو: 13، سورة يوسف: آيت: 93)

ترجموڪنزالعرفان: منهنجي هيءَ قميص کڻي وڃو.

   الله اڪبر! غور ڪرڻ جو مقام آهي. جڏهن حضرت يوسف عَلَيهِ السَّلَام جي جسم مبارڪ سان عارضي (Temporary) طور تي ٽچ ٿيڻ وارو ڪپڙو باعثِ شفا آهي ته حضرت يوسف عَلَيهِ السَّلَام جي به آقا، ٻنهي جهانن جي داتا، محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم سان جڙيل. بدن جو حصو رهڻ وارا وارَ مبارڪ ڇو نه باعثِ شفا هوندا...؟

ہو چشم شِفا  اب تو شہا! سُوئے مریضاں                       عِصیاں کے مَرَض نے ہے بڑا زور دکھایا ([2])


 

 



[1] ... مرآۃ المناجیح ، جلد:6 ،صفحہ:248 بتغیر قلیل۔

[2] ... وسائلِ بخشش، صفحہ:532۔