Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

ڪٽرائي ڇڏڻ مڪروه آهي. (3): اڄڪلھ مٿي تي ڇُڳو رکڻ جو رواج (Trend) تمام گهڻو ٿي ويو آهي جو سڀني پاسي کان وارَ تمام ننڍا ننڍا ۽ وچ ۾ وڏا وارَ هوندا آهن، هي غير مسلمن جو طريقو ۽ ناجائز آهي.([1])

   الله پاڪ اسان کي سنّت جي محبت نصيب فرمائي. ڪاش! اسان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنّتن تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اسان جا وارَ، لباس، هلڻ ڦرڻ، اٿڻ ويهڻ سڀ سنّت جي مطابق ٿي وڃي.

مِری عادتیں ہوں بہتر بنوں سُنَّتوں کا پیکر            مجھے مُتَّقی بنانا مَدنی مدینے والے

ملے سنّتوں کا جذبہ مِرے بھائی چھوڑیں مولیٰ        سبھی دَاڑھیاں مُنڈانا مَدنی مدینے والے

مٿي ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ تيل وجهندا هئا

  اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ تيل وجهندا، ڪَنگو فرمائيندا، مٿي جي وچ مان سينڌ ڪڍندا هئا. حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مٿي مبارڪ ۾ اڪثر تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ڪَنگو ڪندا هئا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو رکندا هئا، ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان آلو ٿي ويندو هو.([2])

شانہ ہے پنجۂ قدرت ترے بالوں کے لئے

کیسے ہاتھوں نے شہا! تیرے سنوارے گیسو

تیل کی بُوندیں ٹپکتی نہیں بالوں سے رضا

صبحِ  عارِض  پہ لٹاتے  ہیں ستارے گیسو([3])


 

 



[1] ... بہارِشریعت،جلد:3 ،صفحہ :587،حصہ:16  ملتقطاً ۔

[2] ... شمائل  ِمحمدیہ ، صفحہ:23، حدیث:33۔

[3] ... حدائقِ بخشش،صفحہ:121 ملتقطاً ۔