Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

موءِ مبارڪ (وار مبارڪ) ڪيئن هئا...؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن هميشه مٿي مبارڪ تي وار پورا رکيا (يعني ڪڏهن  ايئن نه ٿيو ته ڪجھ حصي جا ڪٽرايا ۽ ڪجھ حصي جا رکيا هجن، رکيا ته پوري مٿي جا رکيا، وار لھرايا ته پوري مٿي مبارڪ جا لھرايا)، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا زلف مبارڪ ڪڏهن اڌ ڪن تائين هوندا هئا، ڪڏهن ڪن مبارڪ جي پاپڙي تائين ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڌي ڪري مبارڪ ڪلهن کي جهومي ڪري چمڻ لڳندا هئا. الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وارَ مبارڪ نه گُهنڊيدار هئا نه بلڪل سڌا بلڪه انهن ٻنهي ڪيفيتن جي درميان هئا.([1])

گوش تک سنتے تھے فریاد اب آئے تا دوش

کہ    بنیں    خانہ    بدوشوں    کو    سہارے    گیسو([2])

وضاحت: پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا زلف مبارڪ جڏهن ڪنن تائين هوندا ته ان ۾ اشارو آهي ته پاڻ انهن مبارڪ ڪنن سان پنهنجي امّت جا فريادَ ٻڌندا آهن ۽ جڏهن زلف مبارڪ ڪلهن تائين اچي ويندا ته ڄڻ ته هي ٻڌائيندا هئا ته اي بنا گهر وارؤ! گهٻرايو نه جو هي مبارڪ ڪُلها توهان کي سهارو ڏيڻ، توهان کي پالڻ جي لاءِ ڪافي آهن.

زلف رکڻ سنّت آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! روايتن مان هيءُ ئي ثابت آهي ته اسان جي آقا ۽ مولا، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه مٿي مبارڪ تي زلف رکيا، احرام جي حالت کانسواءِ وار مبارڪ ڪٽرائڻ يا ٺوڙھ ڪرائڻ ثابت ناهي. ڪاش! اسان غلامن


 

 



[1] ... سیرتِ  مصطفےٰ، صفحہ:567  ملتقطاً و ماخوذاً۔

[2] ... حدائق بخشش،صفحہ:119 ۔