Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

پاڻي مريض کي پياريندي هيَس، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! انهيءَ  ڌوتل پاڻيءَ جي برڪت سان الله پاڪ بيمارن کي صحت عطا فرمائيندو هو.([1])

وہ کرم کی گھٹا گیسوئے مُشک سا                              لکَّۂ  اَبرِ  رأفَت  پہ  لاکھوں  سلام ([2])

وضاحت: يعني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ زلف جيڪي بخشش ۽ ڪرم جا ڪڪر آهن جنهن مان ڪستوري کان به اعلٰي خوشبو ايندي آهي ان مهرباني جي ڪڪر جي ٽڪري تي به سلام هجن.

موءِ مبارڪ (وار مبارڪ) جي زيارت جو شرف مليو

    حضرت عثمان بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مسلمانن جي امڙ سائڻ امِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْه ا وٽ وارَ مبارڪ هئا، سندن انهن کي چانديءَ جي ڊٻيءَ ۾ نهايت ادب سان رکيو هو، جڏهن ڪنهن کي بري نظر لڳي ويندي هئي ته ان کي حضرت امِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْه ا ڏانهن موڪليو ويندو هو، حضرت امِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْه ا وار مبارڪ ڪڍندي، انهن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيندي ۽ مريض کي پياري ڇڏيندي هئي، (ان سان مريض شفاياب ٿي ويندو هو). حضرت عثمان بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري گهر وارن مونکي به حضرت امِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنْه ا وٽ موڪليو، مون چانديءَ جي ڊٻي ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته ڪجھ ڳاڙها وار ڏٺا.([3])

   حڪيمُ الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: وارن جو هي رنگ خضاب جو نه هو بلڪه اهي وار خوشبوئن ۾ رکيا ويا هئا، هي رنگ انهيءَ خوشبوءَ جو هو. هن حديث مان ڪجھ فائدا حاصل ٿيا، (1): هڪ هي ته حضراتِ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم حضور ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1] ... مدارج النبوۃ،حصہ دوم ،صفحہ:217۔

[2] ...حدائق بخشش،صفحہ:299۔

[3] ... بخاری،کتاب اللباس ،باب ما یذکر فی الشیب ،صفحہ:1480، حدیث:5896 ملتقطاً۔