Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

خاموش ٿي ويو. هاڻي مون چيو: ڳالهايو ڇو نه ٿا؟ ڪهڙو ثبوت آهي ته تون عبد الله جو پٽ آهين؟ پوءِ به هو خاموش رهيو پر ان جو منهن لهي ويو. مون جڏهن محسوس ڪيو ته هاڻي هي لاجواب ٿي چڪو آهي ته مون پاڻ ان کي چيو: ڀاء! هن کان علاوه توهان وٽ ڪهڙو ثبوت آهي اوهان جي ماءُ هي ٻڌايو آهي ته تون عبد الله جو ئي پٽ آهين؟ اوهان جي ماءُ کانسواءِ اوهان جو عبد الله جو پٽ هجڻ تي دنيا ڀر ۾ نه ڪو گواھ آهي نه ڪو ثبوت پر تون صرف پنهنجي ماءُ جي چوڻ تي عبد الله جي پيءُ هجڻ تي ايترو پڪو يقين رکين ٿو جو خانه ڪعبه جي اندر مٿي تي قرآن رکي ڪري به تون هيءُ ئي چوندي ته مان عبد الله جو پٽ آهيان. ته منهنجا ڀاءُ! صرف هڪ عورت جي چئي ڇڏڻ تي تو مڃي ورتو ۽ يقين ڪري ورتو ته اوهان جو پيءُ عبد الله آهي ته اڄ هزارين سالن کان هزارين، لکين انسان هي چوندا آيا آهن ته هي وار مبارڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ئي وار شريف آهن ته جيڪڏهن اسان ان ڳالھ تي يقين ڪيون ته ان ۾ اعتراض جي ڪهڙي ڪنجائش آهي؟

   منهنجي هيءَ جذبات سان ڀريل گفتگو ٻڌي ڪري ايتري قدر متاثر (Impress) ٿيو جو روئي ڏنائين ايستائين جو اهو منهنجي گوڏن تي مٿو رکي ڪري روئڻ لڳو ۽ چيائين: حضور مان توبھ ڪريان ٿو، هاڻي ڪڏهن به انهن مقدس وارن جي توهين نه ڪندُس ۽ مونکي يقين ٿي ويو آهي ته واقعي هزارين لکين مسلمانن جي ڳالھ ڪوڙ ۽ غلط نٿي ٿئي سگهي.

   ان کان بعد اهو نوجوان چوڻ لڳو: حضور! هڪ شبهو منهنجي دل ۾ ٻيو به آهي جيڪو ڪنڊي جيان کٽڪي رهيو آهي هن باري ۾ به ڪجھ روشني وجهندا، چوڻ لڳو: رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي دنيا مان تشريف کڻي ويندي تقريباً ساڍا 13 سؤ سال کان وڌيڪ عرصو  ٿي ويو آهي ايڏي ڊگهي زماني ۾ وار ته وار ڪا هڏي به اصلي حالت تي قائم نه ٿي رهي سگهي. ڇا ڪو وار ساڍا 13 سؤ